جيتوڻيڪ پنهنجي ملڪ اندر اها ڪا نئين ڳالهه ناهي پر وري رياستي ادارن ۾ ڇڪتاڻ واضح طور نظر اچي رهي آهي. هاڻي به هڪ ئي وقت عدليه ، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ تڪرار وڌي ويو آهي خاص ڪري جڏهن کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن پنهنجن فيصلن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو آهي ته اها ڇڪتاڻ غير معمولي طور تي وڌيل نظر آئي وري وزيراعظم شهباز شريف جو اهو چوڻ ته عدليه ۾ ”ڪاريون رڍون“ اچي ويون آهن ۽ جسٽس اطهر من الله جو ان تي آيل جواب ته وزيراعظم کي ٻڌايو ته ” اسان ڪاريون رڍون ناهيون“. تنهن معاملي کي ڳڻتي جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي هيءَ صورتحال 8 فيبروري 2024ع وارين چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل مسلم ليگ(ن)، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحادي حڪومت جي آهي. جيتوڻيڪ ادارن اندر جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته تاريخي طور ايئن ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو هتي هر دور ۾ حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن اندر ڇڪتاڻ رهي آهي. ۽ ان ڇڪتاڻ ۾ عام طور تي اسٽيشبلشمينٽ ۽ عدليه سدائين گڏ رهي آهي هڪ ٻئي جي سهڪاري رهي آهي پر ايئن گهٽ ٿيندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ۾ تڪرار ٿيو هجي. ويجهي تاريخ ۾ اهڙي ڇڪتاڻ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۽ ان دور جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي وچ ۾ واضح طور تي تڪرار پيدا ٿيو هو جنهن ۾ سڀني سياسي جماعتن عدليه جو ساٿ ڏنو هو. هاڻي به اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي تڪرار ۾ مسلم ليگ(ن) جي شهباز شريف جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي.
ٽيون ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جڏهن سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ ان جي سينئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي ته رپورٽون آهن ته طاقتور ادارن کي ان تي پڻ سخت ڪاوڙ لڳي آهي ۽ ممڪن آهي ته هاڻي ان ڇڪتاڻ ۾ فيصلائتو اضافو ٿئي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ممڪن آهي ته عدليه اندر ڪريڪ ڊائون ٿئي ۽ ڪجهه ججن خلاف ڪارروائي ٿئي. اهڙو ماحول ڪافي وقت کان تيار ٿيندو پيو نظر اچي جنهن ۾ مثال طور فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جا ججن خلاف ڏنل سخت بيان آڏو آهن. انهن ٻنهي شخصيتن لاءِ چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته انهن اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهي آهي. اهو ماحول تڏهن ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن اسٽيبلشمينٽ تي عدليه جي معاملي ۾ مداخلت جو الزام هنيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجن ماڻهن ذريعي مٿن جوابي وار ڪرايا ۽ وري تازو وزيراعظم شهباز جي 28 مئي تي ”يوم تڪبير“ واري ڏينهن نواز شريف کي پارٽي جو صدر بڻائڻ واري تقريب جي موقعي تي اهو چوڻ ته عدليه اندر ”ڪاريون رڍون“ موجود آهن يعني پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جون حاميون آهن جيڪي ان شخص جي حمايت ۾ فيصلا ڪري رهيون آهن جيڪو فوجي عمارتن تي حملا ڪري بغاوت ۽ غداري جي ڪيسن ۾ ڦاٿل آهي. هاڻي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزائن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڪري کين بري ڪيو آهي ته ڪن تجزئي نگارن جو تجزيو آهي ته هاڻي عدليه اندر ڪريڪ ڊائون به ڪري سگهجي ٿو. عدالتي ايمرجنسي به لڳائي سگهجي ٿي.
اصل ۾ ڏسجي ته اهي حڪومتي، آئيني، قانوني معاملن جو هر دور ۾ جيڏو ڀونچال پيدا ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهيو آهي ته انهن جو حل وري اوڏو ئي سولو آهي جيڪو عام طور تي ٻڌايو به ويندو آهي ته جيڪڏهن ملڪ آئين ۽ قانون تحت هلايو وڃي ۽ ادارا پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪن ته جيڪر اهڙا روز روز جا گهوٽالا ئي پيدا نه ٿين پر افسوس ته اهي ٻئي ڪم نٿا ٿين تنهن ڪري هر دور ۾ ملڪ اندر هڪڙا حڪومتي، آئيني، عدالتي ۽ رياستي بحران پيدا ٿيندا رهن ٿا.
-
سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي صلاح
سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم سنڌ جو هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن کي سنڌ جي سنڌي اديبن پاڻ قائم ڪيو آهي ان ڪري هن اداري سان سنڌي اديبن جو جذباتي تعلق رهيو آهي يا رهڻ گهرجي. ان اداري جي ترقي واڌ ويجهه ۽ ٻڌي جي هر اديب آس رکندو آهي ۽ ان جو اظهار ڪندو رهندو آهي، سنڌي ادبي سنگت جو جيتوڻيڪ آئين ٺهيل آهي جنهن تي پابند رهي ڪري اهو ادارو ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ جديد دور جي گهرجن موجب اداري کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ سنگت کي هر دور ۾ صلاحون ملنديون رهيون آهن ڪيترن ئي اديبن پنهنجيون تجويزون مضمونن، ڪالمن ۽ ڪتابن ذريعي ڏنيون آهن.
ان حوالي سان هڪ تجويز اسان به ڏئي سگهون ٿا ۽ ان تجويز جو خيال خاص ڪري ڪالهه 4 جون تي اسان جي برک اديب تاج بلوچ جي خاموشي سان گذري ويل ورسي تي ذهن ۾ آيو جيڪا سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي لازمي طور ملهائڻ گهربي هئي. ان ڪري نه ته هو سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي پر ان لاءِ ته هو سنڌ جو تمام وڏو اديب، شاعر، نقاد ۽ ادبي رسالي سوجهرو جو ايڊيٽر هو. تاج بلوچ جون ادبي خدمتون تمام گهڻيون هيون هن سنڌي ادب لاءِ جيڪي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن تي اصولي طور تي پي ايڇ ڊيز ٿيڻ گهرجن. اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ اصل ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم جو آهي ان ادبي سنگت مرڪز کي اصل ۾ صلاح اها ڏيڻي هئي ته اها پنهنجين سڀني شاخن کي پابند بڻائي ته اهي تاج بلوچ جهڙن اديبن جي ورسين جي ڏينهن تي خاص گڏجاڻيون ڪوٺائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ته جيئن هڪ ئي وقت سڄي سنڌ ۾ تاج بلوچ جي ورسي ملهائجي وڃي. تاج بلوچ ان معيار ۽ مڃتا جو اديب هو پر افسوس ته سندس ورسي ڪالهه خاموشي سان گذري وئي.
عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته جن اديبن جي اولاد يا سندن خاندان باشعور ۽ متحرڪ هوندو، سي پنهنجي طور يا ادارن سان رابطو ڪري پنهنجن جون ورسيون ڪرائينديون آهن پر اصل ۾ اهو ڪم سنڌي ادبي سنگت جو آهي ته اها پاڻ ۽ پنهنجين شاخن کي پابند ڪري ته اهي برک ادبين جون لازمي طور ورسيون ملهائين ۽ ايئن انهن گڏجاڻين ذريعي انهن برک اديبن جي تخليقي پورهئي کي هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندي رهي. سو سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي پنهنجي ليجنڊ اديبن جي وفات ۽ سالگراهن جي تاريخن جو رڪارڊ رکڻ گهرجي ۽ هڪ ئي وقت ان ڏينهن خاص ڪري وفات ڪري ويل اديبن جون سنڌ سطح تي ورسيون ملهائڻ جو انتظام ڪري. ادبي شاخون ته هونئن ئي موجود آهن صرف انهن کي لکت ۾ رڳو يادگيرو ڏيارڻو آهي. ان سان اهو احساس پيدا ٿيندو ته سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي پنهنجن ليجنڊ اديبن جو نه رڳو قدر آهي پر اها کين ڀيٽا پيش ڪرڻ به ڄاڻي ٿي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته ادبين جي اولاد يا ان جي خاندان جو ئي فرض هجي ته اهي پنهنجي والدين کي ياد ڪن باقي ادبي ادارن جي ڪا ذميواري نه هجي.