ڪراچي ۾ ٽريفڪ اهلڪار جي شهري سان بدسلوڪي جي وڊيو وائرل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي صدر ۾ ٽريفڪ پوليس پاران شھري سان بدسلوڪي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد معاملي جو ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي احمد نواز نوٽيس وٺي ڇڏيو، سيڪريٽريٽ ٽريفڪ سيڪشن جي حد اندر پاسپورٽ آفيس ڀرسان نو پارڪنگ تان ٽريفڪ پوليس پاران موٽرسائيڪل کي کنئي ولي جنهن تي موٽرسائيڪل جو مالڪ آيو ۽ اجازت کانسواءِ پنهنجي  موٽرسائيڪل لاهڻ لاٿي جنهن تي اسسٽنٽ سيڪشن آفيسر سب انسپيڪٽر محمد ارشد ۽ شخص وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي ۽ شهري کي موٽر سائيڪل سميت گاڏي ۾ کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي واقعي جو نوٽيس وٺندي سب انسپيڪٽر محمد ارشد کي معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سيڪشن آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس پي ٽريفڪ ڏکڻ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.