ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، خالد مقبول جو وزيراعظم سان رابطو

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي چيئرمين خالد مقبول صديقي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري ورتو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز ۾ نوجوانن جي قتل تي وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ذريعن  جو چوڻ آهي ته خالد مقبول صديقي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان به رابطو ڪيو جنهن ۾ هن ڪراچي جي صورتحال تي ملاقات جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير خالد مقبول صديقي سان پرڏيهه دوري کانپوءِ ملاقات جو يقين ڏياريو آهي.

  1. پي ٽي آءِ تڪراري  ٽوئيٽس بابت ايف آءِ اي نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت تڪراري ٽوئيٽ جي معاملي تي شڪايت ۽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاران طلبي نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان ۽ سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ٽوئيٽ جو مقصد پاڪستان لاءِ اتحاد جو درس ڏيڻ هو، ٽوئيٽ جو مقصد ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قومي ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو. درخواست ۾ چيو ويو ته جاچ آفيسر طرفان درخواستگذارن کي 31 مئي تي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا، ان شڪايت ۽ طلبي نوٽيس جو مقصد درخواستگذارن کي حراسان ڪرڻ آهي. هن استدعا ڪئي ته عدالت شڪايت ۽ طلبي جا نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي، ڌرين کي درخواست جي ٻڌڻي تائين درخواستگذارن کي گرفتار ڪرڻ يا هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.