جيڪب آباد پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت، ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار گرفتار

جيڪب آباد ( ن ع آ ) جيڪب آباد پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت ٿي ويو،اهلڪار فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو، ايس ايس پي جي نوٽيس بعد  ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪرائي ڇڏيو، هوڏانهن مقتول عمران ڪٽو جي ڀاءُ ۽ ٻين وارثن اسپتال پهچي لاش قومي شاهراهه جي 15 مددگار پوليس سينٽر آڏو رکي سخت نعريبازي ڪئي، نوجوان  جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته گذريل رات سول لائن ٿاڻي تي پوليس لاڪپ ۾ ڀاءُ کي ماني ۽ پاڻي ڏئي هئس صبح جو  اطلاع مليو ته سندس ڀاءُ جو لاش سول اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ پيل آهي.  ٻئي طرف لاڪپ ۾ نوجوان جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سيد سليم شاهه سول لائين ٿاڻي جي ايس ايڇ او  مشتاق بنگوار ۽ وڏي منشي اشفاق جکراڻي، نائيٽ انچارج مظھر چنو ۽ پوليس اھلڪار غلام حسين ٽالاڻي کي گرفتار ڪري ورتو. سول لائن ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ مبينا تشدد سبب فوت ٿيل عمران ڪٽو جي ڪيس ۾ ايس ايڇ پوليس پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري پوليس ھيڊڪوارٽر گارڊ ۾ رکيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.ايس ايس پي ڊي ايس پي صدر سلطان احمد چانڊيو، ڊي ايس پي سٽي گل حسن،  ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر شاھه زمان ڏھر جي سربراهي ۾ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ تفصيلي رپورٽ اچڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاهھ حوالي ڪندا.  واقعي جو ڪيس نوجوان جي ڀاءُ جي فرياد تي سول لائين ٿاڻي تي ايس ايڇ او مشتاق بنگوار، وَڏو منشي اشفاق جکراڻي، نائيٽ انچارج مظھر چنو،  پوليس اھلڪار غلام حسين ٽالاڻي، علي ڏنو ڪٽو ۽ سراج ڪٽو ۽ ٻين نامعلوم مٿان داخل ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪندي 4 اهلڪارن سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.