نوابشاهه ( ڊ ر ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد تاج ڪالونيءَ ۾ نوجوان خالد حسين رند پنھجي زال 40 سالن جي مسمات حميده ۽ پنهنجي سالي 45 سالن جي مسمات رشيده زال محمد بخش رند کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار جي فائرنگ ۾ جوابدار جو پيرسن والد واحد بخش رند پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو فوتين ۽ زخمي کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه آندو ويو جتي فوتي عورتن ٻنهي ڀينرن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمي پيرسن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه م داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس علاج جاري آهي واقعي جو ڪارڻ گهرو اڻبڻت جو مسئلو ٻڌايو وڃي ٿو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.