ڪراچي (حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ وڌندڙ ڏوهن سبب سينٽرل جيل قيدين سان ڀرجي ويو. هلندڙ سال جي پهرين 5 مهينن ۾ 6 هزار ڏوهارين کي ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. انگن اکرن موجب اپريل مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ 1 هزار 371 جوابدارن کي سينٽرل جيل موڪليو ويو. جنوري ۾ 1 هزار 195، فيبروري ۾ 1 هزار 29، مارچ ۾ 1 هزار 287، اپريل ۾ 1 هزار 371 ۽ مئي ۾ هڪ هزار کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. ايتري وڏي تعداد ۾ ڏوهارين جي گرفتاري باوجود شهر ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي.معصوم شهرين کي ڦرلٽ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شهري ڦرن ۾ زندگيون وڃائي ويٺا آهن.