اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار خلاف سوشل ميڊيا مهم ۽ سندس خاندانن جي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ واري توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ڪري رهي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ٻڌڻي ڪندي. جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان به بينچ ۾ شامل آهن. ان سلسلي ۾ عدالت ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ آءِ بي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس بابر ستار سميت لارجر بينچ جا سمورا جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انهن 6 ججن ۾ شامل آهن، جن ملڪ جي ڳجهي اداري طرفان عدالتي معاملن ۾ مداخلت جي لکت ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي شڪايت به داخل ڪرائي آهي. رجسٽرار آفيس ڪيس جي ٻڌڻي پهرين 6 جون تي رکي هاڻ اها 3 جون يعني اڄ مقرر ڪئي وئي آهي.