غزا ( م ڊ ) عالمي عدالت جي حڪم ۽ عالمي دٻاءُ باوجود غزا ۾ بيگناهه فلسطينين تي حملا جاري رکيا آهن.، غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران صهيوني فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل انصاف جي عالمي عدالت جي حڪم ۽ عالمي دٻاءُ باوجود غزا ۾ بيگناهه فلسطينين تي حملا جاري رکيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد ۽ 350 زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزا ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 36 هزار 379 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 82 هزار 407 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.ٻئي طرف غزا ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب فوتين جو انگ 37 ٿي ويو آهي، اسرائيلي طرفان خوراڪ جي کوٽ سبب ديرالبلاح ۾ 13 ورهين جو ٻار بک وگهي فوت ٿي ويو آهي.