شهيد مرتضيٰ بلوچ کي ورسي تي ڀيٽا پيش،سندس مشن جاري رهندو: پ پ اڳواڻ

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ضلعي ملير جي صدر شهيد  غلام مرتضيٰ بلوچ جي چوٿين ورسي تقريب حاجي فقير محمد ڳوٺ گڏاپ ۾ ملهائي وئي، ورسي تقريب ۾ صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي، صوبائي وزير شاهينا شير علي، پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سينيٽر ضمير احمد گهمرو، ايم اين ايز سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، عبدالقادر پٽيل، سيد آغا رفيع الله، ايم پي ايز محمد ساجد جوکيو، محمد سليم بلوچ، راجا عبدالرزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، فاروق اعواڻ، هالار وساڻ، پيپلزپارٽي اڳواڻ جاويد ناگوري، ٽائون چيئرمينن نظير احمد ڀٽو، طارق عزيز بلوچ، جان محمد بلوچ، چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي علي زمان جوکيو، مير عباس ٽالپر، حاجي انور بلوچ، بابر عبدالحڪيم بلوچ، رياض بلوچ، مرتضيٰ يار محمد، حاجي منظور بلوچ، آغا طارق پٺاڻ، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو سميت سياسي سماجي شخصيتن، صحافين، پارٽي ڪارڪنن، علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ پارٽي جو اثاثو هو، هن پنهنجي وزارت دوران ڪورونا جهڙي وباءَ کان ماڻهن کي بچائڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي پاڻ ان جو شڪار ٿيو ۽ شهادت ماڻي، هن چيو ته  شهيد مرتضيٰ بلوچ اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي سندس ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه پنهنجي ڪارڪنن کي مان ڏنو آهي اهو ئي سبب آهي جو اڄ پيپلزپارٽي منظم پارٽي آهي، شهيد مرتضيٰ بلوچ پنهنجي صدارت دوران ضلعي ملير جي هر هڪ ڪارڪن کي عزت ڏني ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا، شهيد جي ڪيل خدمتن سبب اڄ ملير جو هر هڪ ڪارڪن کيس دل سان ياد ڪري ٿو ۽ سندس ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪري سندس آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪري سندس لاءِ مغرفت جي دعا ڪندا آهن شهيد مرتضيٰ بلوچ جهڙا اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن هو هڪ فقير منش طبيعت رکندڙ شخص هو، ان موقعي تي شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي پٽ ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ چيو ته شهيد بابا جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهيان شهيد بابا سدائين غريب، بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪئي اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملير سميت سنڌ جو هر هڪ ماڻهو کيس دل سان ياد ڪري ٿو اڄ شهيد بابا جي چوٿين ورسي تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي چوٿين ورسي تقريب ۾ مفتي اعظم محمد جان نعيمي شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي مغرفت دعا گهري جڏهن ته ورسي جي مناسبت سان لنگر جو پڻ خاص انتظام ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.