اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان 8 جون تي اسلام آباد ۾ جلسو نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گادي واري هنڌ جي ضلعي انتظاميا جو اجازت نامو عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو.
چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ قيادت جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري عمر ايوب، اسد قيصر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.
پي ٽي آءِ اسلام آباد انتظاميا طرفان جلسي لاءِ روات جو مقام رد ڪري ڇڏيو، پڌرنامي موجب پي ٽي آءِ 8 جون تي روات جي مقام تي جلسو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ضلعي انتظاميا جو اجازت نامو عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ايف نائن پارڪ، پريڊ گرائونڊ يا ترنول جي مقام تي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
تحريڪ انصاف 8 جون تي روات بدران سوات ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت شريڪ ٿيندي.
You might also like