ڇا رات جو ساهه منجهڻ سبب اٿي پوندا آهيو؟ هنن تجويزن تي عمل ڪريو

هر شخص جي زندهه رهڻ لاءِ ساهه کڻڻ ضروري هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به نزلو زڪام سبب نڪ بند ٿي وڃي ته اهو تڪليف ڏيندڙ مرحلو بڻجي ويندو آهي ۽ اوهان بيچين رهندا آهيو.

گھڻن ماڻهن سان ائين ٿيندو آهي ته اوچتو ساهه بيهڻ سبب نڊ مان اٿي بيهي رهندا آهيو ۽ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن سڃي رات ٿيندي آهي. گھڻا ماڻهو نڪ بدران وات مان ساهه کڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن جنهن جي ڪري هر هر ڳلو خشڪ ٿي ويندو آهي.

اهي ماڻهو ننڊ مان هر هر اٿي ويهندا آهيو، جيڪڏهن ڪو  اسٿما يا اهڙي طرح جي ٻي حالت ۾ مبتلا  هجي ته اهو گھڻو ڪري رات جي وقت اٿي پوندو آهي جنهن سبب هو سڄو ڏينهن ٿڪ جو شڪار رهندو آهي.

اهڙي حالت بب اوهان جي ڏينهن جي سڄي روٽين مڪمل طور تي اوهان لاءِ پريشاني جو سبب بڻبي آهي ۽ ڪم ڪندڙن لاءِ به.

ساهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ مناسب ننڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪجهه تجويزون آهن جن تي عمل ڪري اوهان ان ڏکيائي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھو ٿا.

صحتمند خوراڪ

ميون ۽ ڀاڄين سان ڀرپور صحتمند ۽ متوازن خوراڪ، ان ۽ پروٽين اوهان جي ڦڦڙن کي صحتمند رکڻ لاءِ سڀ کان اهم عنصر آهي. پنهنجي خوراڪ کي متوازن بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو. اوهان جي ڦڦڙ مظبوط هوندا ته اوهان کي ساهه کڻڻ جا مسئلا به گھٽ ٿيندا.

پاڻي جو وڌيڪ استعمال

اهي ماڻهو جن جا ڦڦر ڪمزور آهن انهن کي گھرجي ته سڄو ڏينهن ججهي مقدار ۾ پاڻي پيئن، ڇو جو اهو ڦڦڙن ذريعي پيدا ٿيل بلغم کي سنهڙو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح اوهان کي ساهه کڻڻ ۾ سولائي ٿيندي.

ورزش ۽ يوگا

ڦڦرن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ساهه کڻڻ ۾ مدد لاءِ اوهان جي روزانو ورزش ، يوگا ۽ پنڌ ڪرڻ به مک ڪردار ادا ڪندا آهن.

گرم پاڻ جي ٻاڦ

گرم پاڻي ٻاڦ سان به اوهان کي ساهه کڻڻ جي عمل ۾ سولائي پيدا ٿيندي آهي، ڇو جو اهو اوهان جي بند نڪ کي کولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

ماحولياتي گدلاڻ سبب بنا جواز گھران ٻاهر نڪرڻ به اوهان کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪري سگھي ٿو. جيتوڻيڪ اوهان کي گھرجي ته ڪجهه تجويزن تي عمل ڪريو ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي جو سبب بڻجندڙ مئسلن کان بچو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.