تصوف حق جو رستو، شاھ عنايت بغاوت ڪرائي، لطيف مزاحمت جو درس ڏنو\سڄاڻ ڌريون

ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) آرڪيٽيڪچر جي فن ۾ ستارہ امتیاز حاصل ڪندڙ، اڳوڻي مارڪسسٽ ۽ هاڻي تصوف جي پيروڪار ڪامل خان ممتاز چيو آهي ته ڪوبه صوفي پاڻ کي صوفي نه  ٿو سڏائي، تصوف حقيقت ۽ حق جو رستو آهي، روايتي فنون لطیفہ جو روحانیت سان تعلق آهي، تصوف متعلق ڪجهه ڳالهيون بازار ۾ بيهي نه ٿيون ڪري سگهجن، روايتي نظريا عين حقيقت مطابق آهن، ايراني ۽ اسان جي روايتن ۾ فرق نه آهي. هن اها ڳالهه سنڌ انڊوونمينٽ فنڊ طرفان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ” صوفي فڪر” جي موضوع تي هڪ مذاڪري ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پروگرام جي ميزبان ۽ انڊوونمينٽ فنڊ جي سربراهه حميد آخوند چيو ته صوفي فڪر ۽ انداز کي سمجهڻ مشڪل آهي، جنهن کي ان جي ڳولها هوندي، ان کي صوفي سمجهه ۾ اچي ويندو. ترقي پسند ليکڪ ۽ دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته روحانيت ڪنهن به شخص جو انفرادي تجربو آهي. صوفي فڪر ۽ انداز کي تنقيدي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي، سائنس هڪ عالمگير تجربن ۽ مشاهدن جو علم آهي، روحانيت سائنس تائين پهچي نه ٿي سگهي پر سائنس جي اها خوبي آهي ته اها روحانيت تائين پهچي سگهي ٿي، سنڌ سميت ڪابه زمين سماجي تضادن ۽ ڇڪتاڻ ڪري امن جي سرزمين نه ٿي سگهي، جيڪو سماجي تبديليءَ آڻڻ چاهيندو اهو امن جي چڪر ۾ نه رهندو، سنڌ ۾ صوفي شاھ عنايت شهيد هارين جي بغاوت ڪرائي ۽ شاھ لطيف شاعري ۾ مزاحمت کي به پيش ڪيو، ڪامل خان کي دنيا ۽ سماج کي سمجهڻ لاءِ سائنسي فڪر ۽ مارڪسي فلسفو ڇڏڻ نه گهرجي ها. ترقي پسند دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته تصوف قديم دنيا جي روايتن جي پيداوار آهي، دنيا کي عقلي بنيادن تي ڏسڻ گهرجي، ذات جي نفي سان علم حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، تصوف علم نه آهي، اڄ جي سامراجي غلامي، سماجي سياسي تضادن ۽ طبقاتي نظام خلاف سائنسي علم ۽ فڪر جي ضرورت آهي.  ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نورالهدي شاهه چيو ته حجاج بن يوسف وڏو ظالم هو، جنهن جي خوف کان نامور صوفي خواجه حسن بصري ۽ ٻيا فرار ٿي ويا، تصوف جو اسلامي رنگ قرآن شريف جي آيت بقرا ۾ موجود آهي، حقوق العباد تصوف آهي، اسان مذهب ۽ سائنس جي جهڳڙي ۾ پئجي گپ ۾ ڪري پيا آهيون، تصوف جبر ۽ ظلم خلاف بغاوت ۽ احتجاج آهي، تصوف ۾ دين ٻي شي آهي ۽ مذهب ٻي شي آهي، مذهب يقين آهي، اسلامي دنيا ۾ بادشاھن جي ظلمن ۽ عالمن جي فتوائن جي نتيجي ۾ تصوف پيدا ٿيو، تصوف جو بنياد انساني حقن تي ٻڌل آهي. ان موقعي تي پروفيسر ڪي ايس ناگپال، رفيق وساڻ، منور مهيسر، احمد شاهه، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته تصوف جديد روين جي خلاف نه آهي، ظلم خلاف بغاوت صوفي فڪر آهي. پروگرام جي صدارت حميد هارون صدارت ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي مانجھي فقير ۽ فهيم علڻ صوفي راڳ ڳائي داد حاصل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.