بلوچستان جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي جا دروازا کلي ويا

واشنگٽن ( م ڊ ) صوبائي حڪومت سان معاهدو ٿيڻ بعد بلوچستان جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ جا دروازا کوليا ويا، بلوچستان حڪومت ۽ آڪسفورڊ پاڪستان  پروگرام وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن سان گڏ بلوچستان جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي جا دروازا کوليا ويا، لنڊن ۾ بلوچستان حڪومت ۽ آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام وچ ۾ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ ملاله يوسفزئي، سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ سميت ٻيا شريڪ ٿيا. معاهدي تي صحيحن سان بلوچستان جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي جا دروازا کلي ويا.ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي آڪسفورڊ جي ليڊي مارگريٽ هال ۾ بينظير اسڪالر شپ جو اعلان ڪيو، بيان موجب بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي واحد اڳواڻ هئي جنهن جي تصوير ليڊي مارگريٽ هال ۾ لڳائي وئي آهي.آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ذهين شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جا اسڪالرشپ ڏنا ويندا.

  1. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڳڻتي آهي: عشرت العباد

دبئي(م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم واقعن تي ڳڻتي آهي، رڳو  024ع ۾ 73 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، 27 سالن جي ارتقا معين جو قتل هڪ واضح مثال آهي،هن چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن کانپوءِ امن انتهائي محنت سان حاصل ڪيو ويو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.