ڪراچي ( رپورٽر) ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي جو زور برقرار رهيو، ڪجهه هنڌن تي پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي ٿي ويو ،جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به محسوس ڪيو ويو، لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو، جڏهن ته ڪراچي ۾ به گرمي پد 42 ڊگري تائين محسوس ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي ، موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ گرمي جي لهر جاري آهي، سوين ماڻهو هيٽ اسٽروڪ ۾ به مبتلا ٿي ويا آهن، حيدرآباد سميت اڪثر ضلعا هن وقت ڏينهن سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن، سخت گرمي سبب شهرين جي عام زندگي متاثر بڻيل آهي، سوين ماڻهو هلندي هلندي هيٽ اسٽروڪ جو شڪار ٿي ويا آهن.