خان پور ۽ ڀرپاسي ۾بدامني جي باهه تي ضابطو نه آيو، 2 پورهيت اغوا، ڌرڻو

خان پور (ن ع آ )  خان پور ٿاڻي جي حد شھر ٻاھران قائم ٽيوب ويل تي چوڪيداري ڪندڙ ڳوٺ  عيد محمد لانگاهه واسي حڪيم بروھي ۽ تماچاڻي  جعفري واسي عظيم جعفري کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا ٻنھي  مغوين جي وارثن انڊس ھاءِ وي خانپور ڪنڌڪوٽ بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن سبب چئني صوبن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي جنھن سبب مسافر نٽھڻ اس ۾ سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻ لڳا احتجاج ڪندڙ مغوين جي وارثن حميد جعفري، بيگ محمد بروھي، رحمت الله بروھي، يوسف لانگو  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته خانپور تعلقو مڪمل ڏوھارين حوالي ٿيل آھي پوليس ڏوھارين آڏو بيوس بڻيل آھي خانپور تعلقي ۾ چوري ڦر اغوا روز جو معمول بڻيل آھي شھر جي ڀرسان زمين جي ٽيوب ويل تي  چوڪيداري ڪندڙ ٻن پورھيتن کي اغوا ڪري ويا آھن، مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، مظاهرين جي ڌرڻي بعد روڊ  بند ھجڻ سبب ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ ۽ خانپور جي اضافي چارج قمر دين مزاري مظاھرين سان ڳالھين لاءِ پھتا جن  مظاھرين سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن اندر پورهيتن جي بازيابي جي يقين دهاني بعد مظاهرين 6 ڪلاڪن کانپوءِ لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.