اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف جي پروگرام سبب پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ متاثر ٿي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ لاءِ هر سال ترقياتي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب هلندڙ سال 950 ارب جي ترقياتي بجيٽ مان صرف 379 ارب استعمال ڪيا ويا. صحت، اعليٰ تعليم سميت ڪيترائي سماجي شعبا ۽ انفراسٽرڪچر جا منصوبا متاثر ٿيا. ذريعن موجب پي ايس ڊي پي جي اڳ ئي جاري منصوبن لاءِ 9 هزار 800 ارب رپيا گهربل آهن. ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي پي ايس ڊي پي لاءِ 1221 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب گذريل 10 سالن ۾ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ سراسري طور 630 ارب رپيا سالياني واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ذريعن موجب رپئي جي ملهه ۾ وڏي گهٽتائي ۽ مهانگائي سبب ترقياتي بجيٽ به متاثر ٿي آهي. وفاقي حڪومت صوبائي منصوبن کي بجيٽ تي وڏو بار قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب جي ڊي پي جي لحاظ کان ترقياتي بجيٽ 1.7 سيڪڙو کان گهٽجي 0.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي. بنيادي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي آهي.