سنڌ حڪومت پاران نئون ليبر قانون تيار ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت سماجي ڀائيوارن جي مشاورت سان موجوده ليبر  قانون کي مستحڪم، آسان ۽ معقول بڻائي گڏيل طور ليبر قانون تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر گيئر ٽونسٽو جي اڳواڻي ۾ 6 رڪني وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ گليرمو مونٽ، ايلينا گراسمووا، آئيو اسپاوين، سعديه حميد ۽ سين ڪوني شامل هئا جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت لاءِ صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، شاهد ٿهيم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ليبر سيڪريٽري حفيظ عباسي، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي وڏي وزير چيو ته وڏي وزير چيو ته سنڌ ليبر ڪوڊ ۾ 19 قانون شامل ڪيا پيا وڃن جن ۾ ٻارن (پليجنگ آف ليبر) ايڪٽ، صنعتي ڳڻپ ايڪٽ 1942؛ ملازمت (رڪارڊ آف سروس ايڪٽ) 1951؛ زچگي جا فائدا آرڊيننس 1958؛ روڊ ٽرانسپورٽ ورڪرز آرڊيننس، ٽي پلانٽيشن ليبر آرڊيننس 1962؛ فيس چارجنگ ايمپلائيمينٽ ايجنسيز (ريگوليشن) ايڪٽ، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ 2013؛ سنڌ پيمنٽ آف ويجز ايڪٽ، گھٽ ۾ گھٽ اجرت جو ايڪٽ، ملازمت جا شرط (اسٽينڊنگ آرڊر) ايڪٽ، فيڪٽريز ايڪٽ،؛ شاپس ۽ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ، ڪمپنيز پرافٽ (پارٽيسيپشن آف ورڪرز) ايڪٽ، سنڌ ورڪرز ڪمپينسيشن ايڪٽ، بانڊڊ ليبر سسٽم (ايبوليشن) ايڪٽ، 2015، پروبائيشن آف ايمپلائيز آف ايمپلائيزيشن آف چلڊرن ايڪٽ 2017، پروفيشنل تحفظ ۽ صحت ايڪٽ 2017؛ هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ، سنڌ ميٽرنٽي بينيفٽ ايڪٽ ۽ سنڌ وومين ايگريڪلچر ورڪرز ايڪٽ 2019 شامل آهن. جامع مسودو ليبر ڪوڊ صوبي کي مختلف پائيدار ترقي جا مقصد (SDGs) تحت هدف پورا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو

  1. فوج کي بدنام ڪيو پيو وڃي: گورنر سنڌ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته صوبي ۽ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان به ڳالھ ٻولھ ڪندس،هن وڌيڪ چيو ته SIFC ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جو واحد منصوبو آهي، منصوبي جي اڳڀرائي ج لاءِ وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن گورنر هائوس ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بدنام ڪيو پيو وڃي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ميگا پراجيڪٽ ڪي فور تحت شهر کي پاڻي جي فراهمي جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي. هن شهر ۾ سرڪيولر ريلوي هلڻ گهرجي. وومين يونيورسٽي، نوجوانن لاءِ قرض، سولر پينل، بجلي، تيل، گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي

  1. عدالت پاران سکر مان گم ٿيل ٽڪ ٽاڪر  جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سکر مان گم ٿيل ٽڪ ٽاڪر ۽ يوٽيوبر جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ايس پي ريلوي سکر سميت ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.ايس  پي ريلوي چيو ته سکر ريلوي اسٽيشن تي علي حسن ميمڻ کي بغير ٽڪيٽ هجڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو هو، علي حسن جي والد چيو ته منهنجو پٽ ٽڪ ٽاڪر آهي ۽ کيس تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ جو شوق آهي، ايس پي ريلوي چيو ته شهري جي والد جي چوڻ تي ٽڪيٽ جي فيس وٺي اسان ڇڏي ڏنو هو. ايس پي ريلوي چيو ته هڪ ڏينهن بعد سي سيڪشن ٿاڻي ۾ علي حسن جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو.ايس ايڇ او سيڪشن سکر به عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهري جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟، ايس ايڇ او سي سيڪشن سکر شهري جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جو اجلاس گهرايو ويندو، شهريءَ جي پي چيو ته منهنجو پٽ علي حسن ٽرين ۾ سفر نه ڪري رهيو هو. شهريءَ جي پيءَ وڌيڪ چيو ته اسٽيشن تي اسپيشل ٽرين هئي جنهن تي هو تصويرون ۽ وڊيو ٺاهڻ لاءِ ويو هو، ريلوي اسٽاف سان پٽ جي دوستي هئي ۽ هنن کيس ناشتو به ڪرايو هو، عدالت ايس پي ريلوي سکر ۽ آءِ او  کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنوآهي .عدالت تازا سفري تفصيل حاصل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.عدالت ٻن هفتن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي .

  1. دهشت گردي ٽوڙ عدالت 4 گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ گهرواري، ويڳي ڌيءُ ۽ پٽ سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار محمد منان کي 4 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت جوابدار کي متاثرن جي وارثن کي 3 لک  رپيا هرجاڻو ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنوآهي .عدالت جوابدار محمد منان تي 3 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو.پوليس جو چوڻ هو ته 12 مئي 2017 تي ذاتي رنجش جي ڪري جوابدار محمد منان پنهنجي گهرواري رابعه، پٽ ريحان، ويڳي ڌيءَ راحيلا ۽ سالي نور محمد کي قتل ڪيو هو.محمد منان پنهنجي ٻن پٽن آصف ۽ يوسف سان گڏجي   قتل ڪيا هئا. پوليس چيو ته جوابدارن لوهي راڊن سان تشدد ڪري قتل ڪيا هئا. قتل ٿي ويل رابعه جي والد صابر احمد جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جوابدارن خلاف سپر مارڪيٽ ٿاڻي ۾ قتل ۽ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ٿيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.