ڪراچي(رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي قانون جي شاگردن اضافي فيسن جي وصولي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي .عدالت عملدرآمد روڪڻ وارو حڪم جاري ڪندي اضافي فيس وصولي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيوآهي .عدالت شاگردن کي سالياني امتحانن ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته شاگردن کي امتحان ۾ ويهڻ کان نه روڪيو وڃي. 104شاگردن پاران عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته ايل ايل بي جي سيمسٽر جي داخلا جي وقت فيس به 51 هزار في سيميسٽر هئي.هاڻي يونيورسٽي انتظاميه فيس ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. اضافي فيس نه ڏيڻ تي 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.