گرميءَ جي شدت برقرار، دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 49 ڊگري رڪارڊ

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي جي شدت برقرار رهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 49 ڊگري تائين پهچي ويو،  دادو، لاڙڪاڻي، تربت ۽ سبي ۾ ڪالهه سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر ۽ بهاولپور ۾ 47، نوابشاهه، ساهيوال، جهلم، ملتان ۽ سرگوڌا ۾ 46، حيدرآباد، فيصل آباد ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ 45، گوادر ۽ بنون ۾ 44، مٺي 43 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو. لاهور ۾ 42 ڊگري، ڪراچي ۾ 34 ڊگري، اسلام آباد ۾ 42 ڊگري، اسلام آباد ۾ 41 ۽ پشاور ۾ 40 ڊگري گرمي پد محسوس ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 2 جون کان گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. هوڏانهن آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.