بخشاپور ۾ رت جي راند ، سڱاوتي تڪرار تان پيءُ ۽ پٽ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

بڊاڻي/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان ) بخشاپور ٿاڻي جي حد مين انڊس هاءِ وي روڊ تي نامعلوم هٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ موٽر سائيڪلن تي 4 هٿياربند سوار هئا جن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ بنگوار برادري سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارن سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا قتل  ٿي ويل ۾ شعبان بنگوار ماجد بنگوار شبير بنگوار، شوڪت بنگوار شامل آهن،بنگوار برادري جي ٻين ڌرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنھن جو ڪجه ٽائيم اڳ بنگوار برادري جي سردار احمد علي خان ڀنگوار جي سرپئنچي ۾ فيصلو به ڪيو ويو هو وري ٻيهر  هٿياربندن حملو ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا ڪشمور پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو وارثن لاش کڻي انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو جڏهن ته پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو ويو،  هوڏانهن واقعي جو پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.