حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گذريل ڏينهن گئس سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي ۾ ھڪ ٻارڙي سوڌو وڌيڪ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جنھن بعد واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ ست ٿي ويو آھي، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ آصف علي، وسيم، حسنين، ايان، محمد بلال، اذان علي ۽ عبدالهادي جي نالن سان ڪئي وئي آهي, واضح رهي ته سلينڊر ڌماڪي ۾ مجموعي طور 63 عورتون، مرد ۽ ٻارڙا سڙڻ سبب زخمي ٿيا ھئا جن مان 21 زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد مان فارغ ڪيو ويو ھو، جڏھن ته 32 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو ھو, جڏھن ته 10 زخمين جو علاج سول اسپتال حيدرآباد ۾ ھلندڙ آھي. هوڏانهن پريٽ آباد واري علائقي ۾ اڪرم نالي شخص جي گئس سلينڊر واري دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي بعد انتظاميا ايل پي جي فلنگ پوائنٽس خلاف ڪارروايون ڪيون آهن, ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ موجب اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد عبدالواحد چنا ۽ مختيارڪار فرحان جتوئي، اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد سعود بلوچ ۽ مختيارڪار علي شير بدراڻي جڏهن ته تعلقي ٻهراڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر انيس احمد عباسي ۽ مختيارڪار عمران شبير کوکر جي اڳواڻي ۾ غير قانوني ايل پي جي فلنگ پوائنٽس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي, مجموعي طور تي ضلعي ۾ 23 ايل پي جي سيلنڊر فلنگ پوائنٽس دڪان سيل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٽن ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. ڪارروائي دوران قاسم آباد ۾ 15، لطيف آباد ۾ 3 ۽ تعلقي ٻهراڙي ۾ 10 ايل پي جي فلنگ پوانٽس/ دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته تعلقي لطيف آباد ۾ ٽن ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.
-
پريٽ آباد سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي:اياز لطيف
حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب انساني زندگين جي نقصان واري واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي واقعي کي انتظامي مجرماڻو عمل قرار ڏيندي چيو آھي ته ڳتيل آبادي ۾ گئس سلينڊرن جو ڪاروبار انساني زندگين لاءِ انتھائي خطرناڪ ثابت ٿيو آھي، پابندي باوجود حيدرآباد جي ھر علائقي ۾ گئس سلينڊرن جا دڪان کليل آھن. هن چيو ته سنڌ جو ٻيو نمبر وڏي شھر حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ برنس وارڊ ختم ڪري اھڙن واقعن جي متاثر ماڻھن کي سادو سنئون موت جي حوالي ڪرڻ آھي. پيپلز پارٽي جي حڪومت کي مسلسل 16ھون سال ھلي رھيو آھي پر شھر جي سول اسپتال ريفر سينٽر بنجي وئي آھي. ڪو به بھتر علاج ناھي. مريض تڙپي رھيا آھن يا ريفر ڪيو وڃي ٿو. فائربرگيڊ جون ضلعي ۾ گاڏيون ناھن. جيڪي گاڏيون آھن، انھن جو تيل خرچ طور ڏيکاري رقم ھڙپ ڪئي وڃي ٿو. جنھن ڪري پريٽ آباد جھڙا سانحا جنم وٺن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته پريٽ آباد سانحي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.سول اسپتال حيدرآباد ۾ برنس وارڊ قائم ڪيو وڃي.
-
فوتي 6 ڄڻن جا لاش جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي، هر اک آلي
حيدرآباد: سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي ۾ فوت ٿيندڙ 7 ڄڻن مان 6 فوتين جي جنازي نماز پريٽ آباد واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي, جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، هڪ ئي وقت 6 جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري ماحول پيدا ٿي ويو, معصوم پنهنجن ٻارڙن جا جنازا کڻڻ تي وارث صدمي ۾ ورتل هئا.
-
گئس سلينڊر ڦاٽڻ بعد علائقي جي بند پيل بجلي بحال نه ٿي،رهواسي پريشان
حيدرآباد: پريٽ آباد واري علائقي ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي بعد علائقي جي بند ٿيل بجلي 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد به ڪالھه شام تائين بحال نه ٿي سگھي ھئي، جنھن سبب علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ پڻ پيدا ٿي وئي.