عمران پاران فوج کي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ وڪيل بنا شامل ٿيڻ کان انڪار

راولپنڊي(م ڊ) اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي وڪيل کانسواءِ جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي ايف آءِ اي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي پاڪ فوج کي بغاوت لاءِ تيار ڪرڻ واري الزام کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم الزام هنيو هو ته ”عمران خان جي ايڪس ٽوئيٽر اڪائونٽ تي رياست مخالف مواد شيئر ڪيو ويو آهي ۽ فوج سميت رياستي ادارن جي خلاف غلط بياني ۽ غلط معلومات پکيڙي وئي آهي، ظاهري طور تي فوجي اهلڪارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي عنوان هيٺ اچي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي وڪيل کانسواءِ ايف آءِ اي جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي لکيو ته مٿس لڳايل الزام بلڪل بي بنياد آهن. جيل انتظاميا جي هڪ اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته عمران خان ايف آءِ اي ٽيم جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جيل اختيارين موجب عمران خان چيو ته هو ڪنهن به سوال جو جواب وڪيلن جي موجودگي ۾ ئي ڏيندو، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي جي ٽيم پي ٽي آءِ جي باني جو تحريري موقف حاصل ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.