شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وي سي جي جبري موڪل جو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد جي جبري موڪل جو  نوٽيفڪشن معطل ڪندي  ڌرين کان 4 جون تي جواب طلب ڪري ورتوآهي .درخواست ۾ سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواستگذار جي وڪيل اسد بلو چيو ته وائيس چانسلر 4 سالن جي مدت لاءِ چانسلر جي رضامندي سان مقرر ڪيو ويندو آهي.پر چانسلر کي به اختيار نه آهي ته هو ڪنهن کي جبري موڪل تي موڪلي سگهي. سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز درخواستگذار جي 30 سيپٽمبر تائين موڪل جو نوٽيفڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.14 مئي وارو جبري موڪل وارو نوٽيفڪشن اختيارن کان وڌيڪ استعمال ۽ غير قانوني آهي. عدالت ابتدائي دليلن بعد جبري موڪل واري نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد معطل ڪندي جواب طلب ڪري ورتوآهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.