اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جنرل هيڊڪوارٽرز جي ايڇ ڪيو جناح هائوس ۽ ٻين ملڪيتن تي حملي جي ڪنهن کي به معافي نه ٿي ڏئي سگهجي ۽ 9 مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن سان ڪابه رعايت مناسب ناهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم 4 کان 8 جون تائين چين جو دورو ڪندو، سندس دوري مان سٺيون خبرون اينديون. هن چيو ته سي پيڪ ۽ سڪيورٽي بابت معاملا موجود آهن، چين جي دوري دوران به اهي معاملا غور هيٺ ايندا، چيني انجنيئرن تي حملي جي جوابدارن جي ويجهو پهچي ويا آهيون. هن چيو ته گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جا عملدار ڪابل ويا آهن، چيني شهرين تي حملن ۾ ملوث ماڻهن بابت افغان اختيارين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.اسحاق ڊار چيو ته سعودي ولي عهد به پاڪستان جو دورو ڪندو، محمد بن سلمان جو والد بيمار آهي، هن نه رڳو پاڪستان پر جاپان جو دورو ملتوي ڪيو آهي.پٽي وزيراعظم جسٽس اطهر من الله جي ريمارڪس تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته جسٽس اطهر من الله وزيراعظم کي جواب ڏنو آهي، ان بابت وزيراعظم کان ئي پڇيو وڃي. هن چيو ته 9 مئي سانحو رياست خلاف بغاوت هئي، جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس ۽ ٻين عمارتن تي حملي ۾ ملوث عنصرن کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ فارميشن ڪمانڊرز جو موقف هر پاڪستاني جو موقف آهي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن سان ڪابه رعايت مناسب ناهي.