اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي اڳوڻن سربراهن جي غلطين جو احساس

اسلام آباد(عمران شفقت+عمر چيما+معظم فخر )  پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ پکيڙي اظهار راءِ جي آزادي تي پابندين جهڙو ماحول جوڙي ڇڏيو آهي،ايندڙ ٻن ٽن  ڏينهن ۾ روس،چين جهڙن ملڪن ۾ ميڊيا۽ سماجي رابطن جي ويب سائٽن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سپر سانڪ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو،ان ٽيڪنالاجي جو ٽيسٽ استعمال ڪيو ويو آهي،فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي ڪاوڙ ڪئي وئي ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن،منصوبا سازن ۽ سهولتڪارن خلاف اڃا تائين ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي وئي؟ اهو به بحث ٿيو ته فوج جي بدنامي ان صورت ۾ ٿئي ٿي جڏهن ان جا جنرل ۽ ڪمانڊرز غلط قدم کڻن ٿا، ان جو مثال گذريل ٻن مارشلائن جو ڏنو ويو،ڀٽو جي ڦاهي فوج تي بار آهي، سياستدانن،صحافين خلاف ڪاررواين جو ذڪر ڪندي عمر چيما ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف انتقامي ڪاررواين جو به حوالو ڏنو ويو،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي مهم، عمران خان جي الزامن سميت سمورن معاملن تي قانون ۽ آئين موجب منهن ڏنو ويندو،اداري کي تنقيد ۽ داغدار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي،اجلاس جو ماحول گرم هو،اطلاع آهن ته اڊيالا جيل ۾ عمران خان وٽ آءِ فون يا آءِ پيڊ موجود آهي جنهن ذريعي هو ٻاهرين ملڪ ويٺل ڪجهه ماڻهن سان رابطي ۾ آهي،هو انهن کي هدايتون ڏئي ٿو، جڏهن ته عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ تي 1971ع جي واقعن بابت بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ وضاحتن تي لهي آئي آهي،چوڻ وارا چون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان ايف آءِ اي جي جاچ ۾ ان بيان کان اهو چئي لاتعلقي ڏيکاري ته مان ته جيل ۾ آهيان،مون کي خبر ناهي اهو ٽوئيٽ ڪنهن ڪيو آهي؟ ان جواب جي آڌار تي حڪومت ٽوئيٽر(ايڪس)انتظاميا کي لکندي ته عمران خان سزا ۾ جيل ڪاٽي رهيو آهي، هن جو ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪيو وڃي،جڏهن ته ذريعن موجب عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جو جبران الياس نالي شخص هلائي رهيو آهي،

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪميٽي سوشل ميڊيا پوسٽ تي پي ٽي آءِ باني خلاف ايف آءِ آر کي رد ڪندي مطالبو  ڪيو آهي ته حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ عام ڪئي وڃي. اجلاس ۾ حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ بابت مختصر دستاويزي فلم سوشل ميڊيا تي رليز ٿيڻ جو جائزو وٺندي ڪور ڪميٽي حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ کي فوري طور تي منظر عام تي آڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ايف آءِ اي جي نوٽيس بابت تفصيلي قانوني حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ذميواري قانوني ٽيم جي حوالي ڪري ڇڏي. ڪور ڪميٽي جو چوڻ آهي ته اوڀر پاڪستان جو زوال اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان افسوسناڪ سانحو آهي، اوڀر پاڪستان جي سانحي جا سبب ۽ محرڪ هر لحاظ کان سياسي آهن، حڪومت پاڪستان پاران مقرر ڪيل حمودالرحمان ڪميشن انهن واقعن جو ذڪر ڪيو آهي.  پي ٽي آءِ جي باني 9 مئي سانحي جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جي نقطي جي اصولي حمايت ڪندي 9 مئي تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش آيل پرتشدد واقعن جي مذمت ڪئي. پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ايف آءِ اي جي نوٽيس بابت تفصيلي قانوني حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ذميواري قانوني ٽيم جي حوالي ڪري ڇڏي.ڪور ڪميٽي جو چوڻ آهي ته اوڀر پاڪستان جو زوال اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان افسوسناڪ سانحو آهي، اوڀر پاڪستان جي سانحي جا سبب ۽ محرڪ هر لحاظ کان سياسي آهن، حڪومت پاڪستان پاران مقرر ڪيل حمودالرحمان ڪميشن انهن واقعن جو ذڪر ڪيو آهي.

اسلام آباد( بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) جي آفيشل  اڪائونٽ تان پوسٽ ڪيل 1971 واري وڊيو تي پي ٽي آءِ سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي وئي. پي ٽي آءِ جي باني جي اڪائونٽ مان بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ مجيب ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر يحييٰ خان سان لاڳاپيل وڊيوز پوسٽ ڪرڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي وضاحتن جو بار آهي. هاڻ زين قريشيءَ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.زين قريشي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه به اَپ لوڊ ٿيندو آهي، پي ٽي آءِ باني جي مرضي سان ٿيندو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي ان بابت ڪا به خبر ناهي. اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر علي محمد خان پي ٽي آءِ جي باني کي 71 سان لاڳاپيل وڊيو کان لاتعلق قرار ڏيندي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ کي پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تان شيئر ڪيل وڊيو جي خبر ناهي.  1971ع کان 2018ع واري صورتحال کي ورجائڻ نه گهرجي. باني پي ٽي آءِ کي پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تان شيئر ڪيل وڊيو جي خبر ناهي.  1971ع کان 2018ع واري صورتحال کي ورجائڻ نه گهرجي. هاڻ زين قريشيءَ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي. زين قريشي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه به اَپ لوڊ ٿيندو آهي، پي ٽي آءِ باني جي مرضي سان ٿيندو آهي پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو ته مون کي به ڪا خبر ناهي، اڪائونٽ آمريڪا مان هلايو ويندو آهي پر هاڻي زين قريشي نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.