عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ ڪير پيو هلائي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته تحريڪ انصاف پهرين 9 مئي تي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هنئي هئي ۽ هاڻي عمران خان جي ايڪس(ٽوئيٽر) اڪائونٽ تان جيڪا 1971ع بابت وڊيو پوسٽ ڪئي وئي آهي ان ذريعي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو آهي، اها سياست ناهي، دهشت گردي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو هڪ مافيا وانگر آپريشنل ٿي ويا آهن، ملڪ اندر ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون انهن سان گڏ مليل آهن، هن چيو ته عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ ڪير هن جي هدايت تي هلائي رهيو آهي؟ ڳالهه گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي، هن چيو ته عمران خان مقبول ته آهي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته توهان رياست کي باهه لڳائي ڇڏيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.