سائفر ڪيس جي فيصلي خلاف ٻڌڻي سومر تي ٿيندي

اسلام آباد(م ڊ) سائفر ڪيس جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي 3 جون تي ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ 3 جون جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. سومر تي اڳوڻي  وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا. گذريل ٻڌڻي دوران عدالت پراسيڪيوٽر جي وڪيل ۽ جوابدارن جي وڪيل کي پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.