پي ٽي آءِ پاران ڊاڪٽر مالڪ بلوچ کي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان تحريڪ تحفظ آئين جي  وفد اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ سينيٽر جان محمد بليدي جي لاج ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ عمر ايوب، ساجد ترين، اخوانزاده حسين احمد،سينيٽر جان محمد بليدي، ايوب ملڪ ۽ رجب علي رند به موجود هئا، تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي وفد نيشنل پارٽي کي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي مالڪ بلوچ چيو ته هڪ جمهوري ۽ سياسي پارٽي آهي،تازين چونڊن ۾ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، هن چيو ته تحريڪ ۾ شموليت جو فيصلو مرڪزي ڪميٽي کي ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.