حڪومت آزاد ڪشمير کي ڌاريو علائقو مڃي نئون رخ ڏنو: حامد مير

اسلام آباد(اسد طور) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته جسٽس محسن ڪيان جي عدالت ۾ احمد فرهاد جي ڪيس ۾ پاڪستان حڪومت اهو مڃيو آهي ته آزاد ڪشمير هڪ ڌاريو علائقو آهي جيڪڏهن اهو ڌاريو علائقو آهي ته رينجرز اتي ڇا ڪري رهي هئي؟ حالانڪه آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ته چئي رهيو آهي ته مان رينجرز ناهي گهرائي، هن چيو ته ڪشميرين کي پاڪستان کان بدظن ڪيو پيو وڃي،حڪومت جي ان بيان تي ڪشمير اشو کي وري هڪ نئون رخ ملي ويو آهي، رياستي ادارن پاڪستان جي دشمنن جا هٿ مضبوط ڪري ڇڏيا آهن،حڪومت احمد فرهاد کي پرڏيهي ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي،هن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته ادارن ۾ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جنرل فيض جي باقيات جي هدايتن تي عمل ٿي رهيو آهي،آزاد ڪشمير جي حڪومت ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ معاهدي واري ڏينهن ئي هڪ ڪشميري شاعر کي کنڀي آزاد ڪشمير ۾ ٻيهر باهه ٻاري وئي، اڃا به احمد فرهاد کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي،هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت سدائين ميڊيا تي پابنديون هڻندي آهي،ايندڙ مهينن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي تابعداري ڪندڙ ن ليگ کان ڪجهه ڪم ورتا ويندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.