دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو شھر جي بخاري ڪالوني ۾ 18 ڏينهن اڳ نينگري فاطمه ڌيءَ خدا بخش سولنگي سان 5 ڄڻن پاران جنسي زيادتي ڪري اعتراض جوڳي وڊيو ڀرڻ واري مامرو مبينا طور دادو جي وڏيري محمد حسين سولنگي پاران ٻن جوابدارن عبدالجبار عرف جگو ۽ اقرار عرف اسرار پنهور سان جرڳو ڪري 9 لک روپيا ڏنڊ وجهڻ واري معاملي نجي ٽي وي تي خبر هلڻ تي دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران فريادي پوليس آفيسر عمرالدين سولنگي سولنگي اتحاد خدمت ڪاميٽي ضلع دادو چئرمين وڏيري محمد حسين سولنگي تي ايف آئي آر گناهه نمبر24 172/20 تحت ڪيس داخل ڪري وڏيري کي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت وڏيري کي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلي ڇڏيو،ٻئي طرف وڏيرو محمد حسين سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جو چوڻ آهي ته مون فيصلو ڪيو آهي مون فيصلو نه ڪيو آهي، فريادي نينگري فاطمه جي پيءُ خدا بخش بيان ڏنو آهي فيصلو نه ڪيو آهي مونکي عدالت تي يقين آهي ته انصاف ٿيندو، مون مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سياسي چڪر آهي پوليس ونگار پئي وهي.