اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي سومر تي مقرر

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي سومر تي مقرر ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق  ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا. واضح رهي ته سائفر ڪيس جي ٻڌڻي 28 مئي تي عام موڪل سبب نه ٿي سگهي هئي.

 

You might also like