پاڪستان جي صورتحال کي 1971 سان ڀيٽڻ افسوسناڪ آهي: عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده صورتحال کي1971ع  جي اوڀر پاڪستان جي صورتحال وانگر بيان ڪرڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. پنهنجي بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته اهو تاثر پيدا ڪرڻ افسوسناڪ آهي ته ملڪ هڪ ٻي ڍاڪا سانحي ڏانهن وڃي رهيو آهي. عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ باني جو ٽوئيٽ رڳو ٽوئيٽ ناهي پر محنت سان لکيل اسڪرپٽ مطابق ٺاهيل فلم آهي، جنهن جو لفظ لفظ فوج دشمنيءَ ۾ ٻڏل آهي. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته فلم ۾ ڄاڻي واڻي اهڙين تصويرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن کي بنگلاديشي ۽ ڀارتي ميڊيا پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي رهندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.