کاڌي پيتي جون شيون ۽ سولر پئنل مهانگا ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر لاءِ 12 هزار 900 ارب رپيا ٽيڪس جو هدف مقرر ڪرڻ جي تجويز  ڏني آهي. وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ايف بي آر ايندڙ مالي سال ۾ 1500 ارب رپين کان وڌيڪ نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني. شهباز شريف تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. درآمدي سامان تي ٽيڪس ڊيوٽي وڌائڻ ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪري ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي. امپورٽ فوڊ آئٽمز جي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ سولر پينلز تي سيلز ٽيڪس لڳائڻ جون تجويزون به بجيٽ ۾ غور هيٺ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.