اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه ۾ عدليه هميشه مضبوط رهي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ماڻهن کي کدڙا فقيرن بابت گهٽ ڄاڻ آهي، ترڪي ۾ حڪومتون تبديل ٿي ويون آهن، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته کدڙا فقيرن جي چڪر ۾ حڪومتون تبديل ٿين. هن چيو ته هو پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن تي حملي جي مذمت ڪري ٿو. فواد چوڌري چيو ته مان ڪڏهن به استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل نه ٿيو آهيان. صحافي فواد چوڌري کان سوال ڪيو ته عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ويڙهه ۾ وڌيڪ مضبوط ڪير آهي، جنهن تي هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته عدليه هميشه مضبوط رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته پيمرا جو نوٽيفڪيشن اوپن ٽرائل بند ڪرڻ جهڙو آهي، اهڙو مشورو ڏيڻ وارا احتياط ڪن، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي اجلاس ڪري پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي. فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان هن ملڪ جي سياست جو شطرنج بادشاهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.