حڪمران غريبن تي ٽيڪس هڻي جاگيردارن کي ڪيستائين بچائيندا: حافظ نعيم

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪمران طبقو ڪيستائين عوام تي بار وجهي جاگيردارن کي بچائيندو؟  لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ حافظ نعيم چيو ته آءِ ايم ايف جا نمائندا وائسراءِ بڻجي حڪم جاري ڪري رهيا آهن ۽ پي ڊي ايم حڪومت انهن جي تعميل ۾ مصروف آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف نئين بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ ڪيترائي ظالماڻا شرط رکيا آهن، دوائن سميت سمورين شين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ عوام سان ظلم آهي. هن چيو ته سوال اهو آهي ته حڪمران طبقو عوام تي بار وجهي جاگيردارن کي ڪيترو وقت بچائيندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.