نيب جو رمانڊ 14 مان وڌي 40 ڏينهن ٿي ويو، آرڊيننس جاري

اسلام آباد (م ڊ) وقتي صدر يوسف رضا گيلاني 2 آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا آهن. وقتي صدر قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تحت نيب جو رمانڊ 14 ڏينهن مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو آهي. نيب ترميمي آرڊيننس موجب بدنيتي تي ٻڌل ٺاهڻ تي نيب آفيسر جي سزا 5 سالن کان گهٽائي 2 سال ڪئي وئي آهي.وقتي صدر اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس به جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس موجب اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس ججن کان علاوه رٽائرڊ جج به هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.