سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل حڪومت ۽ عوام جو ڪرندڙ معيار زندگي

سياست ۾ دلچسپيءَ رکندڙ حلقن  جو چوڻ آھي تھ سياست ھڪ اھڙي گول دائري ۾ گھمي رھي آھي،جنھن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نھ پيو ملي.جيڪڏھن اھا صورتحال ائين جو ائين رھي تھ ان جو ڪو بھتر نتيجو نٿو نڪري سگھي.حالتن مان لڳي ٿو تھ ملڪ سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آھي.

خيال ھو تھ چونڊن بعد سياسي استحڪام اچي ويندو ۽ معيشت کي ٽيڪڙو سيڪڙو ڏئي وقت کي ڌڪي وڃبو،پر چوندا آھن تھ” بندي جي من ۾ ھڪڙي ٻي ڪري اللھ“ سو جيڪو ڪجهھ ھن وقت جو منظر آھي ان ۾ اھو خواب ڏسندڙ جي پوري نھ ٿيڻ جو امڪان نطر نھ پيو اچي.

ملڪ جي آئين توڻي قانون ۾ جيڪو ڪجهھ لکيل آھي اھو پنھنجي جاءِ تي پر اھا تسليم ٿيل حقيقت آھي تھ اقتدار جا ڪُل اختيار اسٽيبلشمينٽ جي ھٿ ۾ھوندا آھن، انھن اختيارن مان چونڊجي يا چونڊرائجي آيل ايوان ۾ اڪثريت ثابت ڪيل ڌر يا ڌرين کي ڪجھھ حصو پتي ڏنو ويندو آھي.جنھن سان اھو سسٽم ھلندو رھيو آھي.رياست جي تشريح ھي آھي تھ چونڊجي آيل يا چونڊرايل ڌر کي پارليامينٽ جوڙي ان ۾ ملڪ جي مفادن ۽ عوام جي حقن لاءِ قانون جوڙڻو ھوندو آھي،جنھن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ ڌر کي حڪومت ڏبي آھي،جيڪا ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سسٽم جوڙيندي آھي،ان ۾ڪنھن معاملي جي مونجھاري يا وري ڪنھن اٽڪاءُ جي صورت ۾ عدليھ ھوندي آھي جيڪا قانون جي دائري ۾ اھو ڏسندي آھي تھ ڇا غلط آھي ڇا درست آھي ان موجب حڪم جاري ڪندي آھي.عدليھ جي ڪم ۾ قانون جي تشريح ڪرڻ پڻ ھوندو آھي.

پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ اھڙي ھنڌ تي واقع آھي جنھن جي جاگرافيائي لحاظ سان بھ وڏي اھميت آھي، پاڪستان جي اولھھ ملڪن سان ڊگھي دوستي بھ آھي،جنھن ڪري ان جي ملڪي توڙي پرڏيھي پاليسين تي پڻ ان جو اثر ھر دور ۾ نمايان رھيو آھي.ان ڪري اڪثر حڪومتون ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ڪري اقتدار ۾ شريڪ ٿينديون رھيون آھن،جنھن جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ انھن ڌرين کي حمايت ۽ سھولتون بھ ڏيندي رھي آھي.

ڪجهھ سال اڳ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پاڻ ۾ ڪيل ميثاق جمھوريت جي توڙ جي لاءِ ھڪ منظم طريقي سان پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڳيان آندو ويو ۽ ان جي لاءِ وڏو بندوبست بھ ڪيو ويو ھو.پر ڪجھھ وقت بعد پنھنجي مفادن کي نقصان ۾ ويندو ڏسندي اسٽيبلشميٽ جڏھن پاسو تبديل ڪيو تھ اڳ ۾ جيڪو ڪجھه پوکيو ويو ھو اھو فصل پچي راس ٿي ويو،جنھن ڪري ھن وقت جي حڪومت کان ھاڻوڪي اپوزيشن ڪنھن بھ ريت نھ پئي سنڀالجي،ان ڪري سياست ڦاٿل آھي،جنھن جو اثر وري  لڳ ڀڳ سموري شعبن تي پئجي رھيو آھي.حڪومت جي نالي ۾ ڪجھه کاتا چرپر تھ ڪري رھيا آھن پر ان جو ڪو کڙتيل نھ پيو نڪري.مڪمل سياسي ڊيڊ لاڪ نظر اچي رھيو آھي.

ڪنھن حد تائين جي ڪيل ڪوششن مان تاحال ڪو بھ نتيجو نھ نڪتو آھي،مٿان واري وقت تيزي سان گذري رھيو آھي،التوا ۾ پيل معاملا گھڻو منجھندا پيا وڃن.جنھن ڪري ھر گذرندڙ ڏينھن حڪومت ۽ اسٽيبلشميٽ جي لاءِ وڌيڪ ڳرو ٿي رھيو آھي.

اپوزيشن جي وڏي جماعت ،پاڪستان تحريڪ انصاف 9 مئي جي واقعي تي معافي وٺڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ٻئي طرف حڪمران جماعت آهي جيڪا 9 مئي جي زخمن کي وسارڻ لاءِ تيار ناهي.ٻنهي طرفان  لچڪ ظاهر نھ پئي ٿئي.حڪومت جي ڪيل ڪنھن بھ آڇ جو اپوزيشن ڪو جوڳو ۽ مناسب جواب نھ ڏنو آھي،ٻئي پاسي ملڪ ۾ شايد ئي ڪو ادارو ھجي جنھن تي عوام جي راءِ ورھايل نھ ھجي يا وري ان ۾ اختلاف نھ ھجن.

ان سبب سياسي پنڊت  اشارو ڏئي رھيا آھن تھ جيڪڏھن حڪومت ۽اپوزيشن وچ ۾ معاملو نبيرجي نھ سگھيو تھ ايمرجنسي يا ايمرجنسي پلس جھڙي ڪنھن آپشن جو امڪان موجود آھي،سوال وري بھ ساڳيو آھي تھ اھڙي ڪنھن بھ عمل کي پڻ عدليھ مان ئي گذرڻو پوندو ۽ ھن ڀيري حڪومت توڙي اسٽيبلشميٽ سموري عدليھ سان ڦٽائي چڪي آھي ۽ ايوان ۾ آيل ڌرين وٽ اھڙو يا ايترو مينڊيٽ نھ آھي،جنھن سان ملڪ جي آئين ۾ ڪا تبديلي آڻي سگھجي.

ٻئي پاسي ملڪ ۾ عام ماڻھو جي صورتحال ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي،مھانگائي،بيروزگاري،غربت ،صحت ۽ تعليم جھڙين سھولتن کان وانجھيل ماڻھون ڳڻتي ۾ ورتل آھي.حڪومت پاران ھن وقت تائين ڪنھن وڏي رليف نھ ملڻ سبب ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار جئين پوءِ تئين ڪري رھيو آھي.

سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري ملڪ ۾ ڪنھن وڏي ترقيءَ جو امڪان بھ نظر نھ پيو اچي،فوري طور تي ملڪ جي معيشت جو مسئلو آھي،پر چوندا آھن تھ پئسي کي ڏسي پئسو ايندو آھي تھ حڪومت جڏھن سياسي طور تي ڪمزور ھجي،ٻيا ملڪ ڪنھن وڏي اداري جي بيل آئوٽ جو انتظار ڪندا ھجن، ان ڪيفيت ۾ اھو گھڻو ڏکيو ٿي ٿو وڃي تھ ڪٿان امداد اچي سگھي.جيتوڻيڪ پاڪستان ھڪ ائٽمي ملڪ آھي پر اھو سياسي ۽ معاشي طور تاحال ڀاڻ ڀرو نھ ٿي سگھيو آھي تنھنڪري ائٽمي رياست ھوندي ملڪ جي عام ماڻھو جي صورتحال ڪمزور ئي آھي.حڪومت توڙي اپوزيشن جي بھتري تھ ان ۾ ئي آھي تھ اھي ڳالھين سان مسئلا حل ڪن،باقي ڪو بھ رستو نھ آھي،سياست جا بھ ڪي اصول ھوندا آھن،بنا ڪنھن اصول يا قانون جي سياست جي ميدان ۾ کيڏندڙ نھ رڳو پاڻ کي پر عوام ۽ ملڪ کي بھ نقصان ئي ڏيندا .

ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ معاملن کي بھتري طرف آڻڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ اپوزيشن کي بھ مثبت موٽ ڏيڻ گھرجي، سياست لچڪ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو فن ھوندو آھي،ڪو بھ سکڻي ضد سان سياستدان نٿي ٿي سگھي.جيڪڏھن رڳو ضد تي ڳنڊ ٻڌڻي آھي تھ پوءِ ان جو نتيجو نھ رڳو ڪنھن ھڪ ڌر يا ڪنھن خاص حصي يا طبقي کي ڀوڳڻو پوندو پر ان جو اثر مجموعي طور تي سموري سماج تي پوڻو آھي.دنيا ۾ ڪو بھ اھڙو مسئلو نھ آھي جنھن جو ڪو حل نھ آھي،ان ڪري ھاڻوڪي ڊيڊ لاڪ جو بھ حل ضرور ھوندي پر ان جي لاءِ ڌرين کي فراخدلي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.