يوم تڪبير: پاڪستان جي تاريخ جو هڪ يادگار ڏينهن

تحرير؛ سعيد اڪبر

28 مئي 1998ع پاڪستان جي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي. پاڪستان جي ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اڄ ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هي عظيم ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو باعث آهي. 28 مئي 1998ع تي پاڪستان هڪ ڪامياب ايٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ دنيا جي ستن ايٽمي طاقت ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت بڻجي ويو. 1974ع ۾ پاڪستان پنهنجي سلامتي کي نظر ۾ رکندي پنهنجو ايٽمي پروگرام شروع ڪيو. ان مقصد لاءِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ ٻين سائنسدانن جي اڳواڻي ۾ هڪ جامع پروگرام ٺاهيو. اهو پروگرام نه رڳو پاڪستان جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لا3 هو پر ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جي توازن کي به برقرار رکڻ هو.

 28 مئي 1998ع تي پاڪستان بلوچستان جي چاغي جبل ۾ پنج ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪيا. انهن ڌماڪن جي نتيجي ۾ پاڪستان نه رڳو ايٽمي طاقت بڻجي ويو پر عالمي سطح تي پنهنجي خودمختياري ۽ دفاعي صلاحيت جو به ثبوت ڏنو. انهن ڌماڪن سان پاڪستان دشمن ملڪن کي واضح پيغام ڏنو ته هو پنهنجي سرزمين جي حفاظت لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا.

يوم تڪبير  جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ عوامي ميڙاڪا، سيمينار ۽ مختلف پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا، جتي هن تاريخي ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد نوجوان نسل کي ان عظيم ڪاميابيءَ کان آگاهه ڪرڻ ۽ قومي جذبي کي مضبوط ڪرڻ آهي. پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ عالمي برادري طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا. ڪجهه ملڪن پاڪستان تي پابنديون لاڳو ڪيون،

جڏهن ته ٻين ان ڪاميابي کي پاڪستان جي سيڪيورٽي ضرورتن جي تناظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن پابندين جي باوجود پاڪستان پنهنجي معيشت ۽ سلامتي کي برقرار رکيو آهي ۽ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي.

 يوم تڪبير  پاڪستان لاءِ هڪ يادگار ڏينهن آهي جيڪو اسان کي پنهنجي خودمختياري ۽ قومي اتحاد جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو. هن ڏينهن جي موقعي تي اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسلن کي هڪ محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان ڏئي سگهون.

يوم تڪبير اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جيڪڏهن اسان گڏجي جدوجهد ڪريون ته ڪو به مقصد اسان لاءِ ناممڪن ناهي. هي ڏينهن اسان جي جذبي ۽ حوصلي جي علامت آهي جيڪو اسان کي هر مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.