ليکڪ ۽ محقق گل حسن ڪلمتي جي اڄ ورسي ملهائي ويندي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر جي قديم عمارتن ۽ تاريخ تي ڪم ڪندڙ محقق ۽ ڪراچي سنڌ جي ماروي سميت ٻيا ڪتاب لکندڙ ناليواري ليکڪ، تاريخدان ۽ محقق گل حسن ڪلمتي  جي پهرين ورسي اڄ ملير ۾ ملھائي ويندي.  ان ڏس ۾ سندس ياد ۾ ھڪ تقريب جو اھتمام ملير جي ميمڻ ڳوٺ جي جعفر باغ ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ سندس ڪتاب ايڪ تصوير ايڪ ڪھاني جي مھورت پڻ ڪئي ويندي. ڄاڻايل تقريب کي ناليوارن اديبن، صحافين ۽ دانشورن سميت سياسي سماجي اڳواڻ بھ ڪندا ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ مرحوم جي قلمي پورھئي کي خراج پيش ڪيو ويندو. ملير جي ميمڻ ڳوٺ  جي جعفر باغ ۾ ٿيندڙ ان تقريب ۾ سندس ڪتاب ايڪ تصوير ايڪ ڪھاني جي مھورت بھ ڪئي ويندي. ڄاڻايل تقريب کي ناليوارن اديبن، صحافين ۽ دانشورن سميت سياسي سماجي اڳواڻ به شرڪت ڪندا.

  • ڪشمور مان اغوا ٿيل پورهيت جي آزادي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب

ڪشمور (ڊر) ڪشمور ويجهو ماڇڪو ٿاڻي جي حد سنڌ پنجاب سرحدي دنگ ڪچي واري علائقي مان ھڪ ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل پنجاب واسي قلفيون کپائيندڙ پورھيت اسلم پنجابي جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب  ڪري ورتو آهي ڌاڙيلن پاران ڪشمور جي مقامي ڳوٺاڻي غلام مرتضيٰ کوسو کي فون ڪالز ڪري مغوي محمد اسلم پنجابي سان ڳالھ ٻولهه ڪرائي جنهن ۾ مغوي اسلم پنجابي ٻڌايو ته ڌاڙيلن پاران ڄنگھه ۾ گولي ھڻي زخمي ڪيو آهي ۽ ھڪ ڪروڙ ڀنگ عيوض آزادي جو مطالبو ڪن ٿا وائيس ۾ ڀنگ طلب ڪرڻ بعد وارثن ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي وارثن جو چوڻ آهي ته اسلم پنجابي قلفيون کپائي پيٽ گذر ڪندو هو ۽ ڪشمور جي ڳوٺاڻي مرتضيٰ کوسو جي اوطاق ترسيل هو جتان ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي کڻي ويا ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ڀنگ جي رقم ادا نٿا.

  1. بدامني سبب اقليتي برادري لڏپلاڻ ڪري رهي آهي:حليم عادل شيخ

ڪنڌڪوٽ/ ڏهرڪي (نمائندن وٽان) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جلد عمران خان اسان جي وچ ۾ ھوندو عمران خان سان ملاقات ٿي آهي جنهن جو پيغام کڻي سنڌ جي دوري تي نڪتو آھيان، سنڌ ۾ جعلي مينديٽ تي پيپلزپارٽي حڪومت ڪري رھي آهي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪجھ مھينن دوران سوين ماڻھو اغوا ڪيا ويا آهن سنڌ حڪومت امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ڪچي جي ڌاڙيلن جا ساٿي پڪا ۾ ويٺل سنڌ اسمبلي ۾ ويٺل ڌاڙيل آهن عمران خان آزاد ٿي سڀ کان پھريان سنڌ جو دورو ڪندو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ مان اقليتي ھندو برادري لڏپلاڻ ڪري رھي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.