ليگي اڳواڻ جسٽس بابر ستار خلاف مهم تي پريشان؟

اسلام آباد(منصور علي خان) جسٽس بابر ستار خلاف مهم تي ن ليگ اڳواڻ به پريشان  ٿي ويا، سندن اهو مڃڻ آهي ته بابر ستار  هڪ پڙهيل لکيل، سلجهيل جج آهي،افسوس آهي جو ڪنهن ٻئي جي جهيڙي ۾ اسان شامل ٿي ويا آهيون، ن ليگ اڳواڻن کي افسوس آهي پر ڇو جو ن ليگ انهي طاقتور سان گڏ آهي، هڪ پيج تي آهي ته هو به ان ۾ شامل ٿي وئي آهي.واضح رهي ته جسٽس بابر ستار سپريم ڪورٽ کي عدليه جي معاملن ۾ مداخلت تي خط لکڻ بعد تنقيد جي ور چڙهيل آهي  ۽ تازو ئي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجوده سينيٽر فيصل واوڊا به بابر ستار تي تنقيد ڪئي هئي ۽ کائنس ايجنسين جي مداخلت جا ثبوت به پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.