اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ ترميمن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻو آهي ته پارليامينٽ کي بند ڪيو وڃي. ڊان نيوز موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عمران خان نيري شرٽ پهريل هئي. اڍائي ڪلاڪ تائين هلندڙ ٻڌڻي ۾ موجود رهيو پر کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اصل ڪيس ۾ وڪيل آهيو، اوهان جي نه اچڻ تي مايوسي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سڀني وڪيلن ۾ سينيئر آهيو.بعد ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته نيب ترميم جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مخدوم علي خان پنهنجا دليل بلند آواز ۾ ڏئي ته جيئن وڊيو لنڪ تي پي ٽي آءِ جو باني به ٻڌي سگهي. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ٿي آهي؟ وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ها، ان کي قابل قبول قرار ڏنو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نيب ترميمن خلاف ڪيس جو مڪمل رڪارڊ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان طلب ڪيو وڃي. چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ايترو ڊگهو ڇو هليو؟ ڇا توهان ڪيس ڊگھو ڪيو؟ وڪيل مخدوم علي خان جواب ڏنو ته درخواست گذار دليلن ۾ وڌيڪ وقت ورتو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 1999 ۾ نيب قانون ٺاهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته مارشل لا کانپوءِ فوري طور تي هڪ مهيني اندر نيب قانون بڻجي ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا چيف جسٽس ڪنهن جج کي بينچ مان هٽائي سگهي ٿو؟ جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته 7 رڪني بينچ چيو ته 90 ٻنهي ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن پر اهي نه ٿيون، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهنجي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 12 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ عدالت جو حڪم ڏنو، 21 هين ترميم لاءِ به عدالت جو حڪم هو. جسٽس اطهر من الله چيو ته پلن جي هيٺان گهڻو پاڻي گذري چڪو آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجربل کي معطل ڪرڻ درست هو يا غلط، پر هر صورت ۾ هن عدالت جي حڪم تي معطل ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قانون درست ناهي ته ان کي ڪالعدم ڪيو وڃي. جيڪڏهن قانون ائين ئي معطل رهيا ته ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو؟ جيڪڏهن توهان کي قانون پسند نه آهي ته سڄو ڪيس ٻڌي ان کي رد ڪريو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بل کي معطل ڪرڻ پارليامينٽ جي ڪارروائي معطل ڪرڻ ناهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڇو نه پارليامينٽ کي معطل ڪيو وڃي؟ اسان قانون ٽوڙيون يا فوجي ٽوڙي ڳالهه هڪ ئي آهي، اسان ڪيستائين پاڻ کي چريو بڻائيندا رهنداسين؟
-
عمران خان جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل،جاچ شروع
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ انتظاميا عمران خان جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصوير جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جو باني عمران خان نيب ترميمي ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿيو، جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ذريعن موجب تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ انتظاميا جاچ شروع ڪندي هدايت ڪئي ته تصوير وائرل ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي ڪئي وڃي. ذريعن موجب تصوير ڪورٽ روم جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي ورتي وئي، پوليس تصوير وائرل ڪندڙ شخص خلاف ڪارروائي ڪندي. تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو جي سائيز گهٽائي وئي ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي صارفن پاران مختلف تبصرا ڪيا ويا،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته مون لکيو هو ته عمران خان پنهنجي 2015ع واري فٽنس ليول تي آهي،هڪ صارف لکيو ته مرشد عمران خان جو ديدار 285 ڏينهن کانپوءِ،محمد عاصم خان لکيو ته گهڻو روڪڻ باوجود به 285 ڏينهن کانپوءِ عمران خان جي تصوير ماڻهن سامهون اچي ئي وئي،وقاص امجد لکيو ته ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ سالن کانپوءِ ڪپتان کي ڏسي رهيا آهيون،جڏهن ته عدالت اندر عمران خان کي وڊيو تي ڏسي ڪجهه عورت ڪارڪنن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا،ٽي شرٽ جا بٽڻ کليل،ڳچي ۾ تعويز پاتل عمران ظاهري طور پراعتماد نظر آيو،ٽي ڪلاڪ کان وڌيڪ هلندڙ ان عدالتي ڪارروائي ۾ پنج رڪني بئنچ عمران خان کي هڪ ڀيرو به ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني
-
عمران جي تصوير ليڪ ٿيڻ جي جاچ ”مذاق“،ڪو به نتيجو نه نڪرندو؟
اسلام آباد(اعزاز سيد) نيب ترميمن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان جي تصوير هڪ نوجوان وڪيل طرفان ورتي وئي هئي جيڪا بعد ۾ ليڪ ٿي.جڏهن به ڪا شي ليڪ ٿيندي آهي ته صحافين کي ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي، پر هي تصوير جنهن اينگل کان ورتي وئي آهي سپريم ڪورٽ ۾ ان جڳهه تي صحافي نٿا وڃي سگهن.سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي سڌي ريت نه ڏيکاري وئي ته تصوير ليڪ ٿي وئي، هاڻي تصوير ليڪ ٿي وئي آهي ته وري جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ اڳتي وڌڻ گهرجي ملڪ ۾ جمهوريت اڳ ئي ڪمزور آهي.
-
عدالتي ٻڌڻي دوران عمران خان اڍائي ڪلاڪن تائين خاموش،بي چين نظر آيو
اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي) عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران بيچين نظر آيو،باني پي ٽي آءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪندي ايڪسائيز ڪندو رهيو؛ ٻڌڻي جي ڪوريج ڪندڙ سينيئر صحافي موجب آگسٽ ۾ گرفتاري بعد پهريون ڀيرو اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي وڊيو لنڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترمين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيش ڪيو ويو. جيتوڻيڪ معمول موجب ٻڌڻي لائيو ته نه ڏيکاري وئي پر عمران خان جي وڊيو لنڪ تي پيشي واري تصوير سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ اهم ڪارروائي ڪور ڪندڙ صحافين موجب اڳوڻو وزيراعظم ٻڌڻي دوران بيچين نظر آيو ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪندي ڪڏهن ايڪسائيز ته وري ڪڏهن ڪرسي تي پاسا مٽائيندي ڏٺو ويو. صحافين جو چوڻ هو ته اڍائي ڪلاڪن تائين هلندڙ ٻڌڻي دوران عمران خان جو مائيڪ بند رهيو ۽ هڪ موقعي تي هو اشارن سان ان قسم جي ٻڌڻي ۾ شامل ڪرڻ جو سوال ڪندي نظر آيو.صحافين جو چوڻ هو ته عمران خان جو مائيڪ ته بند هو پر لڳي ائين رهيو هو ته هو اڊيالا جيل جي انتظاميا کان سوال ڪري رهيو آهي ته کيس جيڪڏهن ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي ته ڇو وڊيو لنڪ تي ويهاريو ويو؟
-
لائيو اسٽريمنگ نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪن مايوس،لکين ويوز
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نيب ترميم ڪيس ۾ لائيو اسٽريم دوران جڏهن عمران خان جي تصوير ننڍي ڪئي وئي ته جسٽس اطهر من الله وڊيو منيمائز ڪرڻ تي عملي کان پڇاڻو ڪيو ته هي ڇا ٿي ويو آهي؟ جنهن بعد وڊيو وڏي اسڪرين تي ڪئي وئي،اٽارني جنرل اڍائي ڪلاڪن تائين ڳالهائيندو رهيو پر عمران خان جيڪو ان ڪيس جي سلسلي ۾ نوٽ ٺاهي آيو هو پر پنج رڪني بئنچ کيس هڪ منٽ به ڳالهائڻ نه ڏنو،جڏهن ته عمران خان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي پنهنجي يوٽيوب چئنل تي 15 لک، 10 لک ويوز عمران خان جي پنهنجي ،ڊان،جيونيوز،سما،اي آءِ واءِ،دنيا نيوز ۽ ٻين چئنلن تي ڪٿي 5،ڪٿي 7 لک ويوز ٿيا ،مطلب ته 25 ڪروڙ آبادي ۾ 7 کان 8 سيڪڙو ماڻهن عمران خان کي لائيو ڏٺو،پي ٽي آءِ وارن جي اميدن تي ان وقت پاڻي ڦيرجي ويو جڏهن کين ٻڌايو ويو ته عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ نه پئي ٿئي،پي ٽي آءِ ڪارڪن ٽي وي اسڪرين ڏانهن ائين هٿ هلائي رهيا هئا جيئن کين يقين هو ته عمران خان کين ڏسي رهيو هجي پر ايئن بلڪل نه هو ڇو ته جيل اندر واقع اي ڪورٽ ۾ جيڪا ڪئميرا لڳائي وئي هئي اها رڳو انهن پنجن ججن تي ئي فوڪس هوندي يعني عمران خان صرف ۽ صرف عدالت ۾ ويٺل ججن کي ڏسي پئي سگهيو، عدالتي ڪمري ۾ موجود ڪارڪنن جي ڪيفيت جو اهو عالم هو ته جيڪڏهن عمران خان ڪنهن ڳالهه تي مسڪرائي پيو ته هو به مسڪرائڻ شروع پئي ڪري ڇڏين، لائيو اسٽريمنگ نه ڪرڻ جو فيصلو بئنچ جو هو
-
عمران خان جو ديدار،هڪ ئي ڏينهن سپريم ڪورٽ يوٽيوب چئنل سبسڪرائبرن جو انگ 59هزار وڌي ويو
اسلام آباد(نصرت جاويد) 12 ڊسمبر 2023 تي پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ پنهنجي يوٽيوب چئنل کولي فيصلو ڪيو ته ڪيسن جي ٻڌڻي لائيو اسٽريمنگ ذريعي ڪئي ويندي،پهريون ڪيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس بابت هو،15 مئي 2024 ع تائين 16 هزار سبسڪرائبر هئا، ڪالهه جڏهن فيصلو ٿيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ته ان کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ سبسڪرائبرن جو انگ 16 هزار مان وڌي 75 هزار ٿي ويو،هڪ ئي ڏينهن ۾ 59 هزار ماڻهن عمران خان جو ديدار ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي يوٽيوب چئنل کي سبسڪرائب ڪيو،