ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باهه تي ضابطو نه آيو، چوڪيدار اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رمضان لڳ سرن جي بٺي تي چوڪيداري ڪندڙ  پيرسن احمد علي جعفري کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا وارثن اغوا جي تصديق ڪندي مغوي جا وارث ۽ جعفري برادري جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ بي سيڪشن ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا پوليس کان مغوي جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو پر پوليس ڪجهھ نه ڪيو، خالي نالو ۽ واردات بابت معلومات وٺي خاموش ٿي وئي، متاثر جعفري برادري جا ماڻهو واپس  ھليا ويا، ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ سندس سھولتڪارن رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪري روزاني بي خوف ٿي وارداتون ڪري پوليس کان مطالبا منظور ڪرائي رھيا آهن، ضلعي اندر وڌندڙ بدامني سبب  ھر طرف خوف و حراس پيدا ٿيل ڪاروباري طبقي سميت ڪافي امن پسند ماڻھو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،  لڏپلاڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿيل نجي بينڪ جا 5 ملازم الطاف گولو، گلاب ڏاھاڻي، فرمان لانگاھه، محمد عالم گولو، شاھنواز نصيراڻي کي به پوليس دلاسن، آسرن جي باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوين جي گھرن ۾ ڏک جو ماحول بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.