ڪراچي جي آبادي جو آدم شماري ۾ صحيح اندازو نه لڳايو ويو آهي:ميئر ڪراچي

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي آدم شماري تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي پاڪستان جو واحد ميگا سٽي آهي، جنهن جو وڏو مسئلو اهو آهي ته هتي رهندڙ ماڻهن جو اصل انگ معلوم ناهي. هن چيو ته ڪراچي جي آبادي جو صحيح اندازو نه لڳايو ويو آهي، درست آدم شماري ڄاڻڻ کانسواءِ مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته هڪ ماڻهو لاءِ هڪ گهر سنڀالڻ مشڪل آهي، شهر جي ترقي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته هتي ڪيترا ماڻهو آهن ۽ آمدني ڪيتري آهي.هن چيو ته ماڻهن جي صحيح انگ کانسواءِ مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ مرتضيٰ وهاب اهو به چيو ته ڪراچي پاڪستان جو ڪمرشل حب آهي، جنهن کي معاشي چئلينجز آهن، شهر مان ٽيڪس وصولي به تمام گهٽ آهي. هن چيو ته ڪراچي 1.6 بلين پراپرٽي ٽيڪس ۽ ميونسپل ٽيڪس جي مد ۾ 20 ڪروڙ رپيا ادا ڪري ٿو، جڏهن ته ممبئي جو پراپرٽي ٽيڪس 22 ارب انڊين رپيا ۽ ميونسپل ٽيڪس جي مد ۾ 19 ارب رپيا آهي.ميئر ڪراچي چيو ته طريقيڪار کي آسان بڻايو وڃي، فيصلا سازي کي آسان بڻايو وڃي، اميد اٿم ته اهڙا حل نڪرندا، جن سان شهر جي بهتر خدمت ٿي سگهي. هن چيو ته ريڊ لائين منصوبي ۾ مهانگائي سبب دير ٿي، ان کي مڪمل ٿيڻ ۾ 2 سال لڳندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.