سنڌ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ ۾ سزا ڏيڻ واري ڪميشن جا اختيار چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ ۾ سزا ڏيڻ واري ڪميشن جي اختيار کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو.سنڌهاءِڪورٽ شهري عامر بلوچ جي درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتوآهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتوآهي .عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ جي سيڪشن 50 جي سب  سيڪشن 1 ڪميشن کي سزا ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انفارميشن ڪميشن کي اختيار آهي ته غلط ڏنل معلومات کي استعمال ڪرڻ تي ٽن مهينن جي قيد جي سزا ٿيندي .سزا جو اختيار صرف ۽ صرف عدالت  وٽ هجڻ گهرجي، ڪميشن  کي نه، درخواستگذار چيو ته معلومات جي غلط استعمال جي تشريح  عدالت ۾ ثابت ڪئي وڃي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به عدالت کي سزا ڏيڻ جو اختيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.