اسلام آباد(سهيل وڙائچ) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته فوجي ترجمان ماضي جي اسٽيبلشمينٽ جي غلط ڪمن تي سوال اٿاريا آهن،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جنرل فيض حميد جي فيض آباد ڌرڻي ۾ ڪردار تي ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو آهي،ماضي جي غلطين جي اعتراف جو وقت اچي ويو آهي ته اها تمام سٺي ڳالهه آهي،اسان پوءِ سٺي صبح جو خواب ڏسي سگهون ٿا پر اها صبح تڏهن اچي سگهي ٿي جنرل ڪمانڊر عبدالرب جي سڪندر مرزا جي باري ۾ ڪوڙي ڪهاڻي وائکي ٿئي،ان ڪوڙي ڪهاڻي جي بنياد تي جنرل سڪندر مرزا جا ٽپڙ گول ڪري جنرل ايوب خان جي آمريت جو بنياد وڌو ويو،سڪندر مرزا جو موقف ڪڏهن به سامهون نه اچي سگهيو،جنرل ايوب پنهنجو اقتدار جنرل يحيٰ خان حوالي ڇو ڪيو؟ 1973ع جي آئين ۾ آرٽيڪل 6 هئڻ باوجود جنرل ضيا مارشل لا مڙهي ڇڏيو ته ان وقت آئين جون محافظ عدالتون ڪٿي ننڊ پيل هيون؟ هاڻي جڏهن ڀٽو جي ڦاهي کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي ته جنرل ضيا کي هيل تائين علامتي سزا ڇو ناهي ڏني وئي؟ کيس فيصل مسجد جي سرڪاري جاءِ کان عام قبرستان ڇو منتقل ناهي ڪيو ويو؟ حقيقتون لڪائي توهان سٺي صبح جو خواب نٿا ڏسي سگهو،جنرل مشرف جي غيرآئيني اقتدار تي قبضي ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ ججن، سياستدانن،صحافين خلاف به ڪو عدالتي حڪم اچڻ گهرجي،نئين صبح ڏسڻي آهي ته مارشلائن جو ساٿ ڏيندڙن جي حوالي سان ڪو حڪم نامو ته سامهون اچڻ گهرجي ته مستقبل ۾ ڪو به غيرآئيني قدم کڻڻ کان پهرين سئو ڀيرا سوچي،جنرل باجوا جي زماني ۾ نوازشريف ۽ ن ليگ خلاف جيڪي عدالتي فيصلا ڪرايا ويا انهن جو حساب به وٺڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ جي حاضر سروس آفيسرن جو جهڙي ريت استعمال ڪيو ويو ان جو به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، جنرل باجوا ، جنرل فيض حميد ۽ انهن جي ساٿين جهڙي ريت آزاد ميڊيا جو گهيراءُ ڪيو،ان جو به حساب به وٺڻ گهرجي، حقيقت ته اها آهي ته جنرل پاشا،جنرل ظهيرالاسلام ۽ جنرل فيض حميد جي دورن ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو ان سياست،معاشري،عدالت،صحافت سڀني کي تباهه ڪري ڇڏيو،هاڻي جڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ماضي جا کاتا کولي رهيون آهن ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح احساس ٿي رهيو آهي ته ماضي ۾ گهڻو ڪجهه غلط ٿيو آهي ته انهن کي حال کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي،ڇو ته هن دور جي پاليسين ۽ فيصلن تي به سوال ضرور اٿندا،هاڻي به مفاهمت جي ضرورت آهي،سياسي عمل ۾ تحريڪ انصاف کي به شامل ڪرڻ گهرجي،قومي مفاهمت ۾ هڪ ٻئي جي غلطين کي ڏسي معاف ڪرڻ گهرجي،جيستائين اسان جا هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ هوندا تيستائين نه سياسي استحڪام ايندو نه معيشت ٺيڪ ٿيندي،پاڪستان کي تبديل ڪرڻ جو خواب تڏهن پورو ٿيندو جڏهن اسان سيڪيورٽي اسٽيٽ کان فلاحي رياست ڏانهن سفر شروع ڪنداسين ۽ ملڪ کي صرف آئين ۽ قانون تحت هلائينداسين.