ڪراچي ( رپورٽر ) چوري جون گاڏيون آن لائن وڪرو ڪندڙ 6 رڪني گينگ گرفتار، جوابدار ڪار جي ڊوپليڪٽ چابيون ٺاهي وٺندا هئا، تفصيل موجب ايس ايس پي اي وي ايل سي سي پي ايل سي عارف اسلم رائو پوليس عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. ايس ايس پي عارف اسلم رائو جو چوڻ هو ته 6 رڪني گينگ پڪڙيو ويو آهي جيڪي آن لائن ايپ تي چوري جون گاڏيون وڪرو ڪندا هئا. عارف اسلم رائو جو چوڻ هو ته جوابدار ڪار واپس ڪرڻ وقت ٽريڪر لڳائيندا هئا ۽ ڪار چوري ڪرڻ بعد ان جي چيسس ۽ انجڻ جو نمبر تبديل ڪيو ويندو هو. ڪراچي پوليس پاران پنجاب جي بدنام ڪار لفٽر ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار وٽان جيمرز ناڪارا ڪندڙ ٽريڪر نمبر پليٽس ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.