سڪرنڊ ۾ زرداري ۽ ڀنڊ برادري ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو، 6 ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر، ڌريون کير کنڊ

سڪرنڊ ( رپورٽ:  راج ڪمار اوڏ ) نواب ولي محمد جي ديھه ٻنڀائي ۾ زرداري ۽ ڀنڊ برادريءَ ۾ 800 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان  ٿيل جهيڙي دوران زرداري برادري جي هٿياربندن هٿان ڀنڊ برادريءَ جي پنجن ماڻھن جي مارجي وڃڻ جو فيصلو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه جي سرپئنچيءَ ۾ سندس رهائشگاھه مجيد ڪيريو ۾ ٿي گذريو، ڀنڊ برادريءَ جي پنجن شهيد ٿيندڙن ۾ معشوق ڀنڊ ، ٽوھ ڀنڊ ، اياز ڀنڊ ، صابن ڀنڊ  ۽ اڪبر ڀنڊ شامل هئا، ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ٻنهين ڌرين جي گڏيل امين سيد زين شاھه فيصلي جي فتويٰ ٻڌائي ته زرداري برادري ڏوهي آهي ان ڪري مٿن پنجن شهيدن جا في شهيد 70 لک رپيا ، ٽن شديد زخمين جا  في زخمي 25 / 25 لک رپيا ، 9 معمولي زخمين مان في زخمي 5/ 5 لک رپيا ، غلام حيدر ڀنڊ جي زمين ۽ ھُڙي ختم ڪرڻ جا 20 لک رپيا ، 12 ڪوڙن ڪيسن جون ضمانتون ڪرائڻ ۽ وڪيل ڪرائڻ جا هڪ ڪروڙ رپيا ۽ هلڪي ڦلڪي منهن ماري جا في ماڻھو 2/ 2 لک رپيا ڏنڊ ٻڌايو ويو، جيڪو مجموعي طور لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو، جنهن جي ادائيگي جو ضامن عاشق حسين زرداري هوندو فتويٰ ٻنهي ڌرين قبول ڪئي، جنهن بعد ڀنڊ برادري عدالتن ۽ ڪيسن جي خرچ جا هڪ ڪروڙ رپيا زرداري برادري کي معاف ڪيا، ڌرين ۾ زرداري برادري واري ڌُر عاشق علي زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ جڏھن ته ڀنڊن واري ڌُر خميسو خان ڀنڊ ۽ حاجي خان ڀنڊ جي اڳواڻيءََ ۾ ڳالهيون ڪيون.

  • ڌرين ۾ 2 سال اڳ جهيڙو ٿيو هو، حملي ۾ انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻيون

سڪرنڊ : 2 سال اڳ شهيد بنيظيرآباد ضلعي جي شهر نواب ولي محمد جي ديھه ٻنڀائي ۾ زرداري ۽ ڀنڊ برادريءَ ۾ 800 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان ٿيل جهيڙي دوران زرداري برادري جي هٿياربندن هٿان ڀنڊ  برادريءَ جا 5 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن بعد سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ مقتولن جا لاش کڻي نواب ولي محمد وٽ قومي شاهراھه تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽن ڏينهن واري لڳل ڌرڻي ۾ انتظاميا ۽ ڪجھه معزز شخصيتن جي وچ ۾ پوڻ بعد سيد زين شاھه پاران جوابدار ڌُر مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ سموري زمين 800 ايڪڙ ڀنڊ برادري حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو قبول ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪري لاش مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا هئا.

  • ڏنڊ جي رقم جي ادائيگي جو ضامن عاشق زرداري هوندو

سڪرنڊ: زرداري برادري مٿان پيل لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ رپين جي رقم جي ادائيگي جو ضامن عاشق زرداري کي بڻايو ويو آهي، جيڪا مقتول ڌر کي زرداري برادري مٿان پيل رقم وٺرائي ڌيندو.

 

  • ڌرين ۾ ٿيل نبيري ۾ رياض چانڊيو ،مهر ڊٻائي سميت وڏي انگ ۾ ساڃاهه وند شريڪ

سڪرنڊ: ڌرين ۾ ٿيل نبيري دوران جسم چيئرمين رياض چانڊيو ، شاعر نورالله عرف مهر ڊٻائي ، پ پ جو نور احمد لاکو ، ايس يو پي جو چوڌري عارف نياز آرائين ، مجيب سنڌي ، حافظ زين ڀٽو ، امير علي ٿيٻو ، محبوب ڀنڊ ، سڪندر شاھه ، حاجي حسن ڀنڊ ، ذوالفقار گهلو سميت وڏي انگ ۾ ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.