ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ايس ايس پي ويسٽ حفيظ الرحمن بگٽي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات پاڪستان بازار پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار غلام رسول بروهي ولد مير حسن بروهي بين الصوبائي موٽرسائيڪل لفٽر گينگ جو اهم ڪارندو هو، ساڪران جو رهواسي هو. هن دعويٰ ڪئي ته جوابدار روزاني جي بنياد تي 70 کان 80 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون بلوچستان منتقل ڪندو هو. ايس ايس پي حفيظ الرحمن بگٽي ٻڌايو ته نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ منظم موٽرسائيڪل لفٽر گينگ کي به گرفتار ڪيو آهي.