ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪندي پوليس مقابلن ۾ 5 زخمي ڦورن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون. پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي پوليس مطابق تاج الدين اولياء مزار ميوا شاھ قبرستان جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 2 زخمي جوابدار طارق ولد حق نواز ۽ آصف ولد آدم خان کي پوليس گرفتار ڪري 2 پستول گوليون ھٿ ڪري ورتيون. ڊيفنس ٿاڻي جي پوليس موجب ڊيفنس فيز 7 ڀرسان شوڪت خانم اسپتال جي لڳ پوليس مقابلي ۾ 2 زخمي ڦورو فريد ولد عطاء محمد ۽ فرحان ولد عطاء محمد کي گرفتار ڪري 2 پستول گوليون ھٿ ڪري ورتيون آهن. حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس موجب ناظم آباد بلاڪ ايڇ ڀرسان پريمئر ڪاليج ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڦورو محمد عاشق ولد علي محمد کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو.
-
گڏيل قومن فلسطين کي مستقل ميمبر تسليم ڪري ورتو
نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطين جي گڏيل قومن جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت کي تسليم ڪري ورتو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ڪلهوڪي اجلاس ۾ گڏيل قومن جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي فلسطين جي صلاحيت کي تسليم ڪندي سلامتي ڪائونسل کي سفارش ڪئي آهي ته هو فلسطين کي مستقل ميمبر بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ جي حمايت ڪري. جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ 143 ملڪن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل سميت 9 ملڪن قرارداد جي مخالفت ڪئي، 25 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.واضح رهي ته ووٽنگ کانپوءِ فلسطين کي گڏيل قومن جي ميمبرشپ نه ملي هئي پر فلسطين کي گڏيل قومن جو مستقل ميمبر بڻجڻ جو اهل تسليم ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ فلسطيني سفير رياض منصور جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان امن چاهيون ٿا ۽ آزادي چاهيون ٿا. ٻئي طرف اسرائيلي پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي ان کي حماس لاءِ انعام قرار ڏنو آهي اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪيل فيصلو گڏيل قومن جي تعصب کي اجاگر ڪري ٿو.
-
گذريل حڪومت ۾ اسان جي ڪيل خدمت کي اونڌو ڪيو ويو: مريم نواز
لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته گذريل حڪومت ۾ اسان جي ڪيل خدمت کي اونڌو ڪيو ويو جنهن کي هاڻي اسان سڌو ڪري رهيا آهيون، نواز شريف ۽ شهباز شريف خدمت جا رڪارڊ قائم ڪيا، مون کي خوشي آهي ته اسان صحت جون سهولتون عوام جي گهرن جي درن تائين ڏئي رهيا آهيون. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ڪلينڪ آن وهيلز منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم مريم نواز چيو ته هاڻي نواز شريف جي ڌيءَ انهن پروگرامن ۾ 200 ڪلينڪ آن وهيلز جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڪنٽينرز ۽ گاڏين کي احتجاج لاءِ نه پر علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. مريم نواز چيو ته ڪنٽينرز ۽ گاڏين کي احتجاج لاءِ نه علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڪلينڪ آف وهيلز هفتي ۾ 6 ڏينهن ماڻهن جي گهرن تائين خدمتون فراهم ڪندي ۽ ان مان 40 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا.