ملتان (م ڊ) پاڪستان هاري اتحاد پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿيڻ خلاف ملتان پريس ڪلب آڏو ڪڻڪ کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيئرمين هاري اتحاد خالد کوکر چيو ته اڄ کان اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون جنهن جو نالو زراعت بچايو پاڪستان بچايو آهي،هن چيو ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ وڃي احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، حڪومت اسان سان دوکو نه ڪري، سچ ٻڌاءِ، اسان کان واعدو ڪيو ويو هو ته ڪڻڪ خريد ڪنداسين پر هاڻ خريداري کان انڪار ڪري رهيا آهن، خالد کوکر وڌيڪ چيو ته هاري کي 1500 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ايندڙ فصل لاءِ پئسا نه هوندا ته ڪپهه ڪيئن ٿيندي؟، خالد کوکر چيو ته اسان ڪڻڪ 2700 رپيا في مڻ وڪرو ڪئي آهي، غريبن کي به سڄي سال ان اگهه تي ڪڻڪ ملڻ گهرجي. احتجاجي مظاهري دوران هارين جو وڏو انگ ڇتي نعريبازي ڪندو رهيو.